ڪراچي: امريڪي قونصل خاني ڪراچي تي طرفان ناپا ۾ محفل موسيقيءَ جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ پاڪستاني موسيقيءَ جي اداري نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس (ناپا) جي موسيقارن ۽ امريڪي يونيورسٽي آف آسٽن ٽيڪساس جي فنڪارن پنھجي فن جو مظاھرو ڪيو. امريڪي حڪومت ڏھ ڪروڙ روپين جي ماليت بسان پاڪستاني اداري ناپا ۽ امريڪي يونيورسٽي آف آسٽن ٽيڪساس سان ٽي سالا پارٽنرشپ شروع ڪئي ھئي جنھن جي ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ھن محفل جو اھتمام ڪيو ويو. پروگرام ۾ امريڪا مان سائوٿ ايشيا انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڪامران علي ۽ ناپا جي ڊائريڪٽر پروگرامس ارشد محمود شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قائم مقام قونصل جنرل جان وارنر چيو ته ”ھن يونيورسٽي پارٽنرشپ ذريعي اسان پاڪستان جي اندر موسيقيءَ جي ٽيلينٽ کي اجاڳر ڪرڻ ٿا چاھيون، ۽ ٻنھي ملڪن جي ماڻھن وچ ۾ تعلقاتن کي گھرو ڪرڻ ٿا چاھيون. اڄوڪي محفل اھو به ثابت ڪيو ته موسيقي ۽ ثقافت ماڻھن کي گڏ ڪرڻ اھم ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي“.
قائم مقام قونصل جنرل وارنر وڌيڪ چيو ته امريڪي حڪومت پاڪستان جي 20 يونيورسٽين سان اھڙيون ساڳيون پر مختلف شعبن ۾ پارٽنرشپس قائم ڪيو آھن، سنڌ صوبي چار۾ پارٽنرشپس چاليھ ڪروڙ روپين جي مالي تعاون سان قائم ڪيون ويون آھن جيڪي ٽن سالن تائين ھلنديون. ھن چيو ته پاڪستان ۾ اعلا تعليم جي فروغ لاءِ اھي يونيورسٽي پارٽنرشپ صرف هڪ قدم آھن. ھن چيو ته اسان کي خبر آھي ته قومن جو مستقبل انھن جا نوجوان هوندا آھن تنھن ڪري اسان چاھيون ٿا ته نوجوان کي گھربل ذريعن تائين پھچ حاصل ھجي ته جيئن هو خوشحال، مظبوط ۽ مستحڪم پاڪستان ۾ پنھجو حصو ڳنڊي سگھن.“
يونيورسٽي آف آسٽن ٽيڪساس جو وفد ڪراچي جي دوري دوران فيڪلٽي سان گڏجاڻيون ڪيون، شاگردن لاءِ ورڪشاپس ڪيا ۽ موسيقيءِ جي موضوع تي گڏيل مباحثن ۾ حصو ورتو.
نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس (ناپا) سان گڏجي امريڪي حڪومت موسيقي ۽ آرٽ جي ٻين پروگرامن تي پڻ گڏجي ڪم ڪري رھي آھي جن ۾ ناپا ۽ ٽيڪساس يونيورسٽي جي بٽلر اسڪول آف ميوزڪ جي وچ ۾ پارٽنرشپ قائم ڪئي وئي آھي جنھن لاِءِ امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ هڪ ملين ڊالرس جي مالي امداد ڏني آھي. اھو ٽن سالن جو پروگرام آھي جنھن ذريعي ناپا جي شاگردن کي ڳائڻ، موسيقيءَ ۽ ساز وڄائڻ جي تربيت فراھم ڪئي ويندي. سنڌ صوبي ۾ اھڙين چئين يونيورسٽين سان پارٽنرشپس قائم ڪيون ويون.
امريڪي حڪومت جي ثقافتي پروگرام بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃ:
www.eca.state.gov