پاڪستان، اميرڪن ڪلچرل سينٽر (PACC) ۾ 150 جي لڳ ڀڳ آرٽسٽ، شاگرد ۽ فن سان محبت رکندڙ اج گڏ ٿيا، جن امريڪي آرٽسٽن پاران ٺاهيل پينٽنگ ۽ ميورل جي نمائش ڏٺي ۽ آرٽسٽن جي حوصلا افزائي ڪئي. ڪراچيءُ ۾ پنهنجي ٻن هفتن جي دوري دوران Words Beats and Life (WBL) نالي امريڪي آرٽسٽن جي 15 سال پراڻي گروپ پاران هتي ميورل آرٽ (ڀت مٿان پينٽنگ) ۽ تصويرون ٺاهڻ بابت مختلف هنڌن تي پنهنجا ورڪشاپ ڪيا، جن هنڌن تي اهي ورڪشاپ ٿيا، انهن ۾ ڪميون آرٽسٽس ڪالوني، پاڪستان آرٽس ڪائونسل، انڊس ويلي اسڪول آف آرٽس ۽ اميرڪن ڪلچرل سينٽر ( PACC) شامل آهن. WBL پاران پينٽنگ جي مشق ۽ تربيت ڏيڻ وارن سيشنز جو بندوبست ڪري شريڪ ٿيندڙن کي اهو سمجهايو ويو ته سماجي تبديليءَ ۾ آرٽ ڪيترو نه ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ميورل نمائش دوران امريڪي قائونصل جنرل گريس شيلٽن ڳالهائيندي چيو ته، ”هنن آرٽسٽن جي تخليقي توانائي سبب هتي پاڪستان ۾ هنن هتان جي آرٽسٽن سان پنهنجي دوستيءَ کي مستحڪم ڪيو آهي ۽ هنن آرٽسٽن جي ڪم جهڙي نموني مقامي آرٽسٽن کي متاثر ڪيو آهي، ان سان هنن درميان هڪٻئي سان سهڪار ۽ رابطه ڪاريءَ جو اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو. WBL لاءِ امريڪي سرڪار مالي مدد جي منظوري ڏني آهي ته جيئن ان گروپ جا آرٽسٽ پاڪستان جي نوجوان آرٽسٽن جي گرافٽي، ميورل ۽ عوامي سجاڳيءَ واري آرٽ جي ڏس ۾ تربيت ڪن.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ امريڪي قائونصليٽ جي وڌيڪ سرگرمين بابت معلومات اوهان هن ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهو ٿا، https://pk.usembassy.gov