5 آڪٽوبر 2018ع
رابطو: ڪرش داس
فون: 02135275000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪي حڪومت جي سهڪار سان گڏاپ ۾ هلندڙ اسڪول ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
ڪراچي: عالمي ترقيءَ بابت امريڪي اداري يو ايس ايڊ ڪميونٽي موبلائيزيشن پروگرام تحت اڄ ملير ضلعي ۾ گڏاپ ٽائون جي دنبا ڳوٺ ۾ قائم بوائز سيڪنڊري اسڪول ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو. سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ يو ايس ايڊ جو وقتي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ميڪائل رائيشڪيشن ۽ تعليم کاتي سنڌ جو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز به ان موقعي موجود هئا. اها تقريب ڪميونٽي موبلائيزيشن پروگرام تحت منعقد ڪئي وئي، جيڪو پروگرام سنڌ ۽ بلوچستان ۾ يو ايس ايڊ پاران شروع ڪيل سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جو حصو آهي.
هن تقريب جو مقصد اهو هو ته استادن جي تعليم سان لڳاءَ، انهن جي خدمت ۽ حصيداريءَ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ شاگردن، اسڪول عملي ۽ مقامي ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪجي. پاڪستان ۾ ايندڙ نسلن جي تربيت ڪرڻ تي استادن جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي انهن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊز پڻ ورهايون ويون.
ان موقعي تي ميڪائل رائيشڪيشن ڳالهائيندي چيو ته، ”سنڌ سميت سموري پاڪستان ۾ معياري تعليم ۽ تعليم تائين رسائي وارا مقصد حاصل ڪرڻ جي فروغ لاءِ امريڪي حڪومت گذريل ڪيترن سالن کان پاڪستان حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”يو ايس ايڊ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما ۽ ڊگري پروگرام تحت سموري پاڪستان اندر هزارين استادن کي تربيت ڏني آهي. ان سان گڏ صوبي اندر استادن لاءِ اضافي ساز و سامان فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن سال جو عنوان ‘The right to education means the right to a qualified teacher’ ان حقيقت تي زور ڏئي ٿو ته تربيت يافته ۽ اهل استاد تعليم جو بنيادي حق آهي، ڇاڪاڻ جو استاد ئي اها طاقت آهي، جيڪو تعليم ۾ برابري، تعليم تائين رسائي ۽ تعليم جي معيار تي اثرانداز ٿئي ٿو.
يو ايس ايڊ پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو، www.usaid.gov/Pakistan