4 آڪٽوبر 2018ع
رابطو: ڪرش داس
فون: 02135275000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪي حڪومت پاران سينڊمين اسپتال ۾ قائم فيملي پلاننگ ۽ ٽريننگ يونت جي صلاحيت ۾ اضافو
ڪوئيٽا: تازو صوبائي سطح تي قائم سينڊمين اسپتال ”فيملي پلاننگ اينڊ ٽريننگ يونٽ“ (FPTU) جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ان ڪم لاءِ عالمي ترقيءَ بابت جوڙيل امريڪي اداري يو ايس ايڊ پاران ماءُ ۽ ٻار جي صحت واري پروگرام (MCSP) تحت مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو.
بلوچستان ۾ صحت کاتي جو سيڪريٽري حفيظ عبدالمجيد ان موقعي تي موجود هو، جنهن ڳالهائيندي چيو ته، ”بلوچستان حڪومت هتان جي آبادي ۽ ان جي صحت واري صورتحال ۾ سڌارا آڻڻ، خاص طور تي ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي انتظامن کي بهتر ڪرڻ واري پنهنجي واعدي تي قائم آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”تربيت يافته صحت واري عملي جي کوٽ سموري صوبي جو مسئلو آهي، ۽ ايف پي ٽي يو کي انهن مسئلن سان نبرڻ لاءِ اڃا گهڻي محنت ڪرڻي آهي.
يو ايس ايڊ ۾ MCSP جي نمائندن پروگرام جي تڪميل جو جائزو ورتو ۽ بلوچستان اندر ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ تي زور ڏنو. ان لاءِ ئي MCSP پاران اعليٰ معيار جي فراهمي ۽ خانداني منصوبابنديءَ لاءِ وچين درجي جي عملي کي تربيت ڏيڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. ان سان اهو ممڪن ٿي سگهندو، جو اهي مقامي طور تي محدود مالي وسيلن باوجود صحت جي سهولت سان گڏ خانداني منصوبابندي واري تعليم ۽ خدمتن کي ڪم آڻي سگهندا.
سينڊمين صوبائي اسپتال جي پاران گائناڪالاجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر عائشه صديقه ۽ ٻارن جي پئدائش واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر نائلا احسان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان سموري صوبي ۾ مسلسل سهڪار ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي.
يو ايس ايڊ پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو:www.usaid.gov/Pakistan