امريڪي سفير طرفان سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو: پاڪستان لاءِ وڌيڪ 3 ڪروڙ ڊالرز (6 ارب 58 ڪروڙ روپين) جي امداد جو اعلان

رابطو: عوامي رابطا آفيس

فون: 35275000- 021

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباھڪارين کي منھن ڏيڻ ۽ بحالي لاءِ 3 ڪروڙ ڊالرز جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو آھي، جنھن بعد ھلندڙ سال جاري ٿيل امداد جو مجموعي حجم 9 ڪروڙ 70 لک ڊالرز  (21 ارب 29 ڪروڙ روپيا) ٿي ويئي آھي. آمريڪي سفير اضافي امداد جو اعلان سنڌ جي ضلعي شڪارپور جي دوري دوران ڪيو. ڊونلڊ بلوم يو ايس ايڊ جي ڀائيوار اداري ايڪٽيڊ جي عھديدارن سان گڏ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، جتي ھُن متاثرين ۾ خيما، بُنياد صحت جون ڪٽس ۽ ٻيو سامان ورھايو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڳوٺ جاڳڻ ڀيو جو دورو ڪندي آمريڪي سرڪار طرفان ڏنل عارضي گھرن جو جائزو ورتو، جيڪي ٻوڏ متاثرن طرفان استعمال ڪيا پيا وڃن. اُن موقعي تي آمريڪي سفير ٻوڏ متاثرن سان گڏ ڪچھري ڪئي ۽ کين پيش آيل مسئلن بابت ڄاڻ ورتي.

آمريڪي سفير طرفان اعلانيل اضافي مالي امداد نه رڳو ٻوڏ متاثرن جون ھنگامي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد مھيا ڪندي، پر  امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ ۽ وڌيڪ 20 لک متاثرين تائين پھچ يقيني بڻائڻ لاءِ يو ايس ايڊ جي صلاحيت ۾ واڌارو ٿيندو. آمريڪي حڪومت طرفان اضافي امداد تحت يو ايس ايڊ ذريعي غذائي شيون ۽ طبي خدمتون فراھم ڪيو ن وينديون، ته جيئن ٻوڏ جي پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين ۽ غذائي کوٽ کي منھن ڏيڻ سان گڏ متاثر ٿيل علائقن ۾ ضروري شيون ۽ طبي امداد کي يقيني بڻائي سگھجي. اُن کانسواءِ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مدد ۽ سياري جي مند ۾ سيءُ کان بچڻ لاءِ سامان جي فراھمي اُنھي امداد جو حصو آھي. ڇاڪاڻ جو عورتون ٻوڏ سوڌو قدرتي آفتن ۾ سڌي ريت ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿينديون آھن، تنھنڪري آمريڪا طرفان جنسي متڀيد ۽ اُن جي بنياد تي ٿيندڙ تشدد روڪڻ لاءِ پاڪستان سان سھڪار ۾ پڻ  مدد ملي سگھندي.

آمريڪي سفير پاڪستان ۾ تازو برسات سبب ٿيل تباھي تي افسوس جو اظھار ڪندي اھو عزم ورجايو ته قدرتي آفت کي منھن ڏيندڙ ڀائرن کي  ھن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

###