ڪراچي: پاڪستان ۾ مقرر امريڪي سفير ڊيوڊ هيل ڪنٽونمينٽ ريلوي اسٽيشن تي جنرل اليڪٽرڪ انجڻين جي فراهمي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪراچيءَ لاءِ قائونصل جنرل گريس ڊبليو شيلٽن، پاڪستان ۽ وچ ايشيا لاءِ جنرل اليڪٽرڪ جو سي اي او صاريم شيخ، پاڪستان ريلويز جي چيئرپرسن پروين آغا ۽ پاڪستان ريلويز جو ڊويزنل سپرينٽينڊنٽ نثار احمد ميمڻ به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي انهيءَ ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته امريڪي ٽيڪنالاجي ۽ مشينريءَ جو پاڪستان جي پائيدار ترقي ۽ مستحڪم معيشت ۾ ڪيترو نه اهم ڪردار آهي.
ڪنٽونمينٽ ريلوي اسٽيشن جي دوري دوران ڊيوڊ هيل چيو ته، ”مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته اهي انجڻيون پاور پلانٽس هلائڻ ۾ مددگار ٿينديون ۽ صنعتن تائين وڌيڪ سامان کڻي وڃڻ واري انهن جي صلاحيت به وڌي ويندي. انهن اجنڻين جي فراهمي ان حوالي سان به وڏي خبر آهي، جو اهو امريڪا جي خانگي شعبي جو پاڪستان سان ڳانڍاپو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي تعلقاتن ۾ مضبوطي ايندي.“
ان موقعي تي پاڪستان ۽ وچ ايشيا لاءِ جنرل اليڪٽرڪ جي سي اي او صاريم شيخ چيو ته ”اسان کي فخر آهي، جو پاڪستان جي ٽرانسپورٽيشن واري نظام کي جديد ڪرڻ واري مقصد تحت جنرل اليڪٽرڪ وقت کان اڳ ئي جنرل اليڪٽرڪ جون ريلوي انجڻيون فراهم ڪيون ويون آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”ايوو انجڻيون ٻين انجڻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ تيل کائين ٿيون، جنهن سان خرچ به گهٽ ٿئي ٿو ۽ ماحوليات تي به گهڻو اثر نٿو پوي.“
پاڪستان ريلويز جي ترجمان اهو واضح ڪيو ته، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن GE Evolution Series جون اهي اجنڻيون امپورٽ ڪري استعمال ڪيون آهن، جنهن سان پاڪستان ريلوي ۾ جدت ايندي ۽ رابطه ڪاريءَ ۾ اضافو ٿيندو.
جون 2015ع ۾ جنرل اليڪٽرڪ پاران پاڪستان ريلويز سان جديد قسم جي 55 انجڻين بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون. 4500 هارس پاور جون اهڙيون انجڻيون مڪمل طور تي امريڪا ۾ ٺاهيون ويون آهن. 2017ع دوران اهڙيون انجنڻيون مختلف وقتن تي پاڪستان جي ڪراچي پورٽ ذريعي موڪليون وينديون. پاڪستان سرڪار پهرين 7 انجڻين جي پهچڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ جو اهي مقرر ٿيل شيڊيول کان به ٻه مهينا اڳ 23 جنوريءَ تي ڪراچي پورٽ تي پهتيون.
پاڪستان ۾ امريڪا جي تعاون بابت وڌيڪ معلومات اوهان pk.usembassy.gov ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهو ٿا.