امريڪي سفير پاران ڪراچي جي تاريخي نسروانجي بلڊنگ جي بحالي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي گرانٽ جو اعلان

20 فيبروري 2020
آمريڪي مشن پاڪستان
رابطو: آمريڪي قونصل خانو ڪراچي پبلڪ افيئر سيڪشن (فون: 021-3527-5000)

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

امريڪي سفير پاران ڪراچي جي تاريخي نسروانجي بلڊنگ جي بحالي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي گرانٽ جو اعلان

ڪراچي – امريڪي سفير پال جونز امريڪي حڪومت جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ (AFCP) هيٺ ڪراچي جي خوبصورت ۽ تاريخي عمارت نسروانجي بلڊنگ جي بحالي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو اعلان هن انڊس ويلي اسڪول آف آرٽس (IVS) ۾ رٿيل هڪ تقريب ۾ ڪيو جنهن مطابق انڊس ويلي هڪ سماجي تنطيم سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ائڊوينچر سوسائٽي (SEAS) سان گڏجي عمارت جي بحالي جو ڪم ڪندي.

ان موقعي تي امريڪي سفير چيو ته، ”انڊس ويلي اسڪول، سيز ۽ امريڪي حڪومت گڏجي ان ڳالهه جو عملي مظاهرو ڪندا ته ثقافتي ورثي جي بحالي جو مطلب صرف انهن جون سِرون پڪيون ڪرڻ ۽ گارو هڻڻ ناهي هوندو. ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت سان ماڻهو انهن شين سان پنهنجو رشتو مظبوط ٿيندي محسوس ڪندا آهن، ان سان معاشي سرگرمي وڌندي آهي ۽ مستقبل جي نسلن کي ان عظيم ورثي بابت ڄاڻ ملندي آهي جنهن جو بنياد صدين تي ٻڌل سهپ ۽ رواداري آهي.“

آمريڪي سفير ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو ته اها عمارت فنڪارن ۽ تعميراتي ماهرن کي فني ڄاڻ پڻ مهيا ڪندي جيڪي مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ هاڪاري تبديلي جا اڏيندڙ ثابت ٿيندا.

اها گرانٽ سنڌ ۾ ٽين ۽ پاڪستان ۾ 23هين AFCP گرانٽ آهي جيڪا هتان جي ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. سنڌ ۾ ان کان پهريان مڪلي جي مقام ۾ موجود سلطان ابراهيم ۽ امير سلطان محمد جي مقبري ۽ ڪراچي جي ساحلي علائقي ۾ موجود وَرُن ديوَ مندر جي بحالي لاءِ گرانٽ ڏني وئي آهي.

نسروانجي بلڊنگ اصل ۾ ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ سن 1903 ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ان کي ڊهڻ کان بچائڻ لاءِ  1991 ۾ انڊس ويلي اسڪول جي هاڻوڪي ڪئمپس واري جاءِ تي هڪ هڪ پٿر ڪري کڻي آندو ويو ۽ اصلوڪي شڪل ۾ ئي ٻيهر ٺاهيو ويو.

اهڙي ريت پاڪستان ۾ موجود ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ بحاليءَ لاءِ آمريڪا سال 2001 کان وٺي 28 لک ڊالرن جي امداد ڪري چڪو آهي جنهن جي مدد سان گنڌارا تهذيب جي آثارن کان ويندي، مغل دور جي شاهڪارن، تاريخي دستاويزن، فني مهارت جي شاهڪار هندومت جي مندرن ۽ صوفي درگاهن جي حفاظت ۽ بحالي ممڪن ٿي سگهي آهي.