18 سيپٽمبر 2019
رابطو: جيسن گرين
فوري جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪي سفير پال جونز پاران سنڌ پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد جو دورو
ڪراچي– امريڪي سفير پال جونز، سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل ڊاڪٽر سيد ڪليم امام سان گڏجي سعيدآباد ٽريننگ ڪاليج جو دورو ڪيو. اهو دورو امريڪي حڪومت جي ان ڪوششن جي سلسلي جي ڪڙي آهي جنهن هيٺ پاڪستان جي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي صلاحيتن کي بهتر بنائڻ لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن. ان سلسلي ۾ امريڪي سفير نئين تيار ڪيل نصاب هيٺ ٿيندڙ تربيت جو معائنو۽ هٿيارن جي سميوليٽرن جو مشاهدو ڪرڻ سان گڏوگڏ عورت پوليس آفيسرن لاءِ بيريڪس ٺاهڻ واري جاءِ جو دورو ڪيو. مجموعي طور ان پروگرام لاءِ امريڪي حڪومت اٺ سئو ڇاونجاهه ملين روپين (5.35 امريڪي ڊالر) جي امداد ڏني آهي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي پال جونز چيو، ”سنڌ پوليس بهتر ڄاڻي ٿي ته سندن فرض صرف ڏوهن ۽ دهشتگردي سان منهن ڏيڻ نه پر شهرين جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن لاءِ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ آهي. امريڪي حڪومت کي فخر آهي ته هُو سنڌ پوليس جون پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر بنائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.“
سنڌ پوليس ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي منشيات جي روڪٿام ۽ قانون جي نفاذ جي مامرن واري بين الاقوامي شعبي (INL) جي ڀائيواري سان 2011 ۾ نصاب تيار ڪرڻ وارو پروگرام شروع ڪيو ويو. هن پروگرام جو مقصد سنڌ پوليس جي 25 سال پراڻي نصاب ۾ جدت آڻي بهتر بنائڻ آهي جنهن ۾ تربيتي نصاب ٺاهڻ، ماسٽر ٽرينر تيار ڪرڻ ۽ سنڌ پوليس جي سڀني تربيتي مرڪزن ۾ نوان ماڊيول لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن وقت تائين 85 هزار کان مٿي پوليس آفيسرن کي تيار ٿيل پنجن ماڊيولن تحتتربيت ڏني وئي آهي. سال 2018 ۾ INL سنڌ پوليس جي تربيتي مرڪزن کي بهتر بنائڻ لاءِ هٿيارن جا 30 سميوليٽرز عطيو ڪيا ته جيئن تربيت محفوظ ۽ اثرائتي ٿي سگهي. سنڌ پوليس جي عورتن کي ڀرتي ڪرڻ وارين ڪوششن جي سهائتا ڪرڻ لاءِ INL سعيد آباد ۽ شهدادپور پوليس ٽريننگ ڪاليجن ۾ عورتن لاءِ بيريڪون ٺاهڻ لاءِ پڻ امداد ڏئي رهي آهي.
امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو منشيات جي روڪٿام ۽ قانون جي نفاذ جي مامرن وارو بين الاقوامي شعبو (آءِ اين ايل) 90 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪري بدعنواني ۽ ٻين ڏوهن تي ضابطو آڻڻ، منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن کي منهن ڏيڻ، پوليس جي شعبن کي بهتر بنائڻ سان گڏ قانون ۽ انصاف جي اهڙي نظام کي هٿي وٺرائڻ آهي جيڪو انصاف ۽ جوابدهي تي ٻڌل هجي. آءِ اين ايل بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ http://www.state.gov/j/inl ڏسو.