آمريڪي سفير پال جونز پورٽ قاسم جي دوري دوران آمريڪي واپار ۽ معاشي سرگرميون وڌائڻ تي زور ڏنو

17 سيپٽمبر 2019
رابطو: جيسن گرين

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي سفير پال جونز پورٽ قاسم جي دوري دوران آمريڪي واپار ۽ معاشي سرگرميون وڌائڻ تي زور ڏنو

ڪراچي: آمريڪي سفير پال جونز پورٽ قاسم جي دوري دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروبار ۽ معاشي سرگرميون وڌائڻ لاءِ موجود موقعن ۽ پيش ايندڙ ڏکيائين جو جائزو ورتو. پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين سيد حسن ناصر شاهه، پال جونز کي بندرگاهه ۾ ٿيندڙ ڪاروباري سرگرمين جو خلاصو پيش ڪيو ۽ مستقبل ۾ هن بندرگاهه کي پاڪستان جي معاشي واڌ ويجهه جو مرڪز ٺاهڻ لاءِ رٿيل منصوبن کان آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي آمريڪي رياست هيوسٽن سان تعلق رکندڙ ايڪسلريٽ ڪمپني آگاهه ڪيو ته ان پاڪستان ۾ توانائي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٺهيل تمام وڏو فلوٽنگ اسٽوريج ري گيسيفڪيشن يونٽ (FSRU) متعارف ڪرايوآهي جيڪو گيس جي بيس لوڊ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سال 2015 کان وٺي ايڪسلريٽ ۽ اينگرو گڏيل ڀائيواري هيٺ دنيا جي هن مصروف ترين ڄاڻايل گيسيفڪيشن يونٽ کي هلائي ملڪ جي گيس جي 15 سيڪڙو ضرورتن جو پورائو ڪري رهيون آهن. آمريڪي ڪمپني ايگزان موبل، انرگيس سان ملي پورٽ قاسم اٿارٽي پاران ٽئين ايل اين جي ٽرمينل ٺاهڻ لاءِ جاري ڪيل ضابطن ۽ شرطن جو ڳوڙهو جائزو وٺي رهي آهي.

آمريڪي ڪمپنين ڪارگِل ۽ پروڪٽر اينڊ گيمبل پال جونز کي پنهنجي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ڪارگِل اعلان ڪيو ته اها پاڪستان ۾ تقريبن 31 ارب روپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. ان کان پهريان هن ئي سال پروڪٽر اينڊ گيمبل اعلان ڪيو هو ته ان پورٽ قاسم ۾ سندس موجوده پلانٽ جي ڀر ۾ نئون پلانٽ لڳائي تقريبن اٺ ارب روپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ٻئي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائيندي صارفن لاءِ کاڌي پيتي سميت ٻيون شيون ٺاهي رهيون آهن، پورٽ قاسم ان ڪم ۾ سندن ڀرپور سهائتا ڪري رهيو آهي.