ڪراچي: پاڪستان ۾ مقرر امريڪي سفير ڊيوڊ هيل 6 مهينن جي مدي لاءِ انگريزي سيکارڻ واريپروگرام جي مهورت واري تقريب جي صدارت ڪئي. انگريزيءَ جي اهڙي سکيا مرڪز ۾ 17 کان 25 سالن جي عمر وارا 50 نوجوان شامل آهن. ان پروگرام کي سفارتخاني جي علائقائي English Language Programs آفيس پاران مالي سهڪار ڏنو ويو آهي. اداري جو مقصد اهو آهي ته پيشه ور سطح جي انگريزي سيکاري نوجوانن جون رابطي واريون صلاحيتون وڌائي سگهجن. ان سان گڏ نوڪرين ۽ تعليمي قابليت وڌائڻ واري رخ ۾ به هن پروگرام جو وڏو هٿ آهي ته جيئن ڪن حالتن ۾ نوجوان پنهنجي ڪٽنب جا مددگار به بڻجي سگهن. ان سان گڏ پروگرام ذريعي نوجوانن کي امريڪي قدرن ۽ روايتن سان به متعارف ڪرايو پيو وڃي، مثال طور رضاڪارانه طور خدمت ڪرڻ ۽ ثقافتي توڙي مذهبي اجتماعيت جهڙا قدر- پروگرام جي حصي طور English Works جي ٻن شاگردن پاران امريڪي سفير ڊيوڊ هيل کان ليڊرشپ، سندس نوڪري ۽ پاڪستان ۾ تجربن بابت هڪ انٽرويو ڪيو ويو.
مهورت وقت شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته، ”مون کي اميد آهي ته English Works پروگرام اوهان جي اعتماد ۾ اضافو ڪندو، جمهوريت ۽ رضاڪارانه جذبي بابت اوهان جي سوچ کي وسيع ڪندو. ان سان گڏ پاڪستان جي مستقبل جي قيادت سنڀالڻ واري طاقت حاصل ڪرڻ ۾ اوهان جو مددگار ٿيندو. هن پروگرام ۾ پنهنجي سخت محنت شامل ڪري اوهان اڳواٽ ئي هڪ مثال قائم ڪري چڪا آهيو.“
اهڙي تقريب Pakistan-American Culture Center جي Lincoln Corner ۾ منعقد ٿي. امريڪي سفارتخاني پاران سموري ملڪ ۾ قائم ٿيل Lincoln Corners مان هيءُ 18 هون ڪارنر آهي. Lincoln Corner پاڪستان جي ادارن، لائبريرين، يونيورسٽين ۽ ثقافتي مرڪزن جي اشتراڪ سان ٿيندڙ پروگرامن لاءِ هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي پاڪستانين ۽ امريڪين درميان ڳالهه ٻولهه وارن پروگرامن ذريعي گڏيل فهم کي فروغ ڏنو وڃي ٿو ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي رابطي کي هن پروگرام ذريعي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ٿو وڃي.