امريڪي عوام پاران:ڪراچي ۾ هڪ جديد اسڪول

17 سيپٽمبر 2019
رابطو: جيسن گرين

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

امريڪي عوام پاران:ڪراچي ۾ هڪ جديد اسڪول

ڪراچي – امريڪي سفير پال جونز ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي علائقي گڏاپ ٽائون جي دمبا ڳوٺ ۾ يو ايس ايڊ جي تعاون سان تازو تعمير ٿيل اسڪول جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. انهن مقامي شاگردن سان گڏجي ڪمپيوٽر ليب، صحت ڪمري ۽ لائبريري لاءِ مقرر جڳهون پڻ ڏٺيون جيڪي هڪ سازگار تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. اعلى تعميراتي بنيادن تي ٺهندڙ اسڪول جي هن جديد عمارت مان ايندڙ نسل به فائدو حاصل ڪري سگهندا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي قائم مقام امريڪي سفير پال جونز چيو، ”مونکي اهو ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته تعليم جي ميدان ۾ امريڪي ۽ سنڌ حڪومت جي شراڪت جي ڪري سنڌ صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيندو پيو وڃي. فردن توڙي قومن جي حقيقي ۽ پائيدار ترقي صرف تعليم سان ئي ممڪن آهي. امريڪا ۽ پاڪستان ٻنهي جو ان ڳالهه تي يقين آهي ۽ ان ڪري ئي اسان پاڪستان سان تعليم جي ميدان ۾ تعاون وڌائيندا رهنداسين.“

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يو ايس ايڊ جي ذريعي سنڌ صوبي جي تعليم ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائڻ تي امريڪي حڪومت جي سهڪارجي ساراهه ڪئي.

ڄاڻايل اسڪول جي بلڊنگ سنڌ حڪومت جي تعاون سان يو ايس ايڊ جي 25 ارب پاڪستاني روپين (159.2 ملين امريڪي ڊالر) واري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ تعمير ڪئي وئي. امريڪي حڪومت اتر سنڌ جي 9 ضلعن سميت ڪراچي جي پنجن ٽائون ۾ 112 جديد اسڪولي عمارتون تعمير ڪري رهيو آهي. ان منجهان 68 اسڪولن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته 44 تعمير جي مختلف مرحلن ۾ آهن. اسڪولن جو جديد عمارتون تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ هن پروگرام جو مقصد سنڌ جي چونڊ علائقن جي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ آهي ۽ هن جو خاص محور اُنهن ٻارڙن کي پڙهائي جو ٻيهر موقعو ڏيڻ آهي جيڪي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ويا آهن. اسڪول تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ SBEP صوبائي حڪومت جي تعليمي سڌارن، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ شاگردن جي پڙهڻ جي اهليت کي بهتر بنائڻ وارن قدمن جي پڻ سهائتا ڪري ٿو.

ان موقعي تي ڪراچي ۾ امريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين، يو ايس ايڊ جو سنڌ ۽ بلوچستان جو قائم مقام ڊائريڪٽر مارڪ سورنسن، سنڌ حڪومت جا ڪامورا، مقامي اڳواڻ، مختلف برادرين جا ترجمان، استاد، شاگرد ۽ والدين پڻ موجود هئا.

يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.