19 جون 2019
رابطو: ڪرش داس
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪي عوام پاران: سنڌ لاءِ هڪ ٻيو جديد اسڪول
يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر مائيڪل هرشهشين ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري قاضي پرويز شاهد گڏجي 19 جون تي يو ايس ايڊ جي مدد سان نئين تعمير ٿيل اسڪول جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي مقامي اڳواڻن، مختلف برادرين جا ترجمان، استاد، شاگرد ۽ والدين پڻ موجود هئا. گورنمينٽ ماڊرن هاءِ اسڪول سکر جي نئين عمارت سنڌ حڪومت سان ڀائيواري ۾ 159.2 ملين ڊالر واري يو ايس ايڊ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (SBEDP) هيٺ امريڪي حڪومت جي مدد سان تعمير ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي محترم مائيڪل هرشهشين چيو ته امريڪي حڪومت کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان ڀائيوار ٿيڻ تي فخر آهي. هن چيو ته ”اسان جو ۽ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ساٿين جو مقصد گڏجي تعليم جو معيار ۽ ان تائين رسائي کي بهتر بنائڻ آهي. سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ٻارڙن ۽ خاص طور تي ٻارڙين لاءِ پڙهائي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ کين سکيا جا محفوظ موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ خانگي شعبي سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.“
ان موقعي تي محترم قاضي پرويز شاهد يو ايس ايڊ جي سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي واکاڻ ڪندي سنڌ صوبي جي تعليم ۾ جديد انداز جي نواڻ آڻڻ ۾ امريڪي حڪومت جي سهڪارکي پڻ ساراهيو.
يو ايس ايڊ جو سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام اتر سنڌ جي 9 ضلعن سميت ڪراچي جي پنجن علائقن ۾ 112 جديد اسڪول عمارتون تعمير ڪري رهيو آهي. ان منجهان 60 اسڪول اڳ ۾ ئي تعمير ٿي چڪا آهن جڏهن ته 52 تعمير جي مختلف مرحلن ۾ آهن.
هن پروگرام جو مقصد سنڌ جي چونڊ علائقن جي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ آهي ۽ هن جو خاص محور اُنهن ٻارڙن کي موقعا ڏيڻ آهي جيڪي اڌ ۾ پڙهائي ڇڏي ويا آهن. اسڪول تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ SBEP صوبائي حڪومت جي تعليمي سڌارن، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ شاگردن جي پڙهڻ جي اهليت کي بهتر بنائڻ وارن قدمن جي پڻ سهائتا ڪري ٿو.
يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.