24 جون 2019
رابطو: ڪرش داس
فون: 021 3527 5000
فوري جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪي عوام پاران: هڪ صاف سٿرو جيڪب آباد
يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر مائيڪل هرشهشين گند ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جا مختلف اوزار جيڪب آباد جي مونسپالٽي حوالي ڪيا.
جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ رٿيل هڪ تقريب ۾ مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني ۽ سنڌ جي ترقي ۽ منصوبابندي واري بورڊ جي سربراهه ناهيد شاهه دراني جي موجودگي ۾ يو ايس ايڊ جي ميونسپل سروسز پروگرام (MSP) هيٺ ڏنل ڪچرو جمع ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ واريون 80 گاڏيون گهربل اوزارن سميت واسطيدار کاتي حوالي ڪيون ويون.
ان موقعي تي محترم هرشهيشن چيو ته آمريڪي حڪومت کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اها سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري جيڪب آباد جي شهرين کي هڪ صاف ۽ صحتمند ماحول مهيا ڪري ڏيڻ ۾ مصروف عمل آهي.
يو ايس ايڊ MSP جي ذريعي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي، نيڪال ۽ ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جي نظامن کي بحال ڪري بهتر بنائي رهي آهي. پاڻي جي نئين رٿا ٺهي راس ٿيڻ واري آهي جنهن سان جيڪب آباد جي 3 لک ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهندو ۽ اُهي هڪ بهتر ۽ صاف سٿري ماحول ۾ زندگي گذاري سگهندا جيڪو وري مجموعي طور سندن صحت ۽ سالميت تي هاڪاري اثر وجهندو.
USAID جي پروگرامن بابت معلوم ڪرڻ لاءِ ڏسو: www.usaid.gov/Pakistan.