امريڪي قونصليٽ طرفان اسپيشل رانديگرن لاءِ تقريب جو اهتمام

 

ڪراچي، امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن 28 فیبروري تي رکيل ’’پيرالمپڪس اسپورٽس ڊپلوميسي ايونٽ‘‘ ۾ ’’پيرا اسپورٽس پاڪستان جي تقریبن 100 اسپیشل ايٿليٽن جي آجيان ڪئي، رانديگرن سان گڏ انھن جا والدین ۽ انسٽرڪٽر پڻ ھئا، قونصل جنرل جي رھائش گاھ تي ٿيل تقريب ۾ اسپیشل رانديگرن ۽ امريڪي قونصليٽ جي رضاڪارن مختلف راندين ۾ حصو ورتو جنھن  ۾ ٻڌڻ جي قوت کان محروم (ٻوڙن) جي وچ ۾  فوٽ بال، ويل چيئر ريس، بلائنڊ ڪرڪيٽ، ويل چيئر باسڪٽ بال ۽ سافٽ بال جا مقابلا شامل ھئا۔

امريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي پيرالمپڪس جي رانديگرن سان گڏ  پھریون ڀيرو اهڙي قسم جي تقریب منعقد کئي جيڪا قونصليٽ جنرل جي اسپورٽس ڊپلوميسي ايونٽ سيريز جو حصو آھي۔ ايونٽ جو مقصد اھڙن اسپیشل ماٹھن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ھو جنھن کي پاڪستان ۾ سماجي ڀيدڀاءُ کي منھن ڏيڻو پوي ٿو۔ ھن موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته  ’’ ھيءَ ڪا راز جي ڳالھ ناھي تہ پيرالمپڪس رانديگرن سڄي دنیا ۾ اسپیشل ماٹھن جي صلاحیتین بابت پنھنجي برادري جي سوچڻ جي انداز ۾ تبديلي آندي آھي، پيرالمپڪس اسپورٽس نہ رگھو برادري پر ملکن جي سماجي روین کي بدلڻ جي شاندار صلاحيت رکي ٿي۔‘‘

’’پيرا اسپورٽس پاڪستان‘‘ جي صدر خالد رحماني جو چئن ھو تہ ’’ اسان جي تنظيم مختلف قسمن جي معذورين ۾ مبتلا خصوصي رانديگرن جي ڀلائي لاءِ ڪم ٿي ڪري، پھرین پيرا اسپورٽس پاڪستان جو دائرو اسپیشل رانديگرن جي بحالي تڪ محدود ھو پر ھاڻي انھن کي اعلا ترين سطح جي پیشہ واراڻي مقابلن ۾ شرڪت لاءِ تربیت ۽ سھڪار ڏنو وڃي ٿي۔‘‘

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ امريڪي قونصليٽ جي وڌيڪ سرگرمين بابت معلومات اوهان هن ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهو ٿا، https://pk.usembassy.gov