7 آگسٽ 2019
رابطو: ڪرش داس، ترجمان
فوري جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪي قونصل جنرل ڪراچي رابرٽ سلبرسٽين جي قائداعظم جي مزار تي حاضري
ڪراچي: امريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي. قونصل جنرل سلبرسٽين مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ امريڪي عوام پاران پيغام لکيو.
قونصل جنرل سلبرسٽين لکيو ته ” قائداعظم محمد علي جناح جي هن خوبصورت مزار تي اچي کيس ڀيٽا ڏيڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هتي اچي سندس مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان واري تصور جو ورجاءُ ٿئي ٿو جيڪو مذهبي عقيدن لاءِ احترام، سهپ ۽ اجتماعيت تي ٻڌل آهي. اِهي اُهي ئي قدر آهن جيڪي امريڪا کي پڻ عزيز آهن ۽ جناح صاحب جي عظمت جي گواهي ڏين ٿا.“
قونصل جنرل سلبرسٽين قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح ۽ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي مزارن تي پڻ حاضري ڀري. ان کانپوءِ هنن مزار جي ڀرسان قائم عجائب گهر جو پڻ دورو ڪيو جتي قائداعظم سان منسوب شين جي واکاڻ پڻ ڪيائون.