ڪراچي: امريڪي قونصل خاني ڪراچي طرفان قونصل جنرل گريس شيلٽن جي رھائش گاھ تي دائود پبلڪ اسڪول جي شاگردياڻين لاءِ والي بال جي مئچ جو اھتمام ڪيو ويو. پاڪستان جي ناموري والي بال جي ماھر ڪوچن ڇوڪرين کي پھرين والي بال راند جي سکيا ڏني، راند جا گُر سيکاريا. راند ۾ 40 شآگردياڻين پنھجن والدين سان گڏ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته ”والي بال راند جي ذريعي ٻارن ۾ ٽيم طور ڪم ڪرڻ ۽ سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ جھڙا اھم قدر اجاڳر ٿين ٿا. ۽ والي بال جي راند جيان جتي مختلف گر گھربل ھجن ٿا ساڳي طرح اسان جي سماج کي پڻ مختلف سوچن، گڻن ۽ صلاحيتن جا ماڻھو گھربل ھوندا آھن ته جيئن سماج پنھجا مقصد حاصل ڪري سگھي.امريڪي قونصل خانو اڪثر نوجوانن لاءِ راندين جي مقابلن جو اھتمام ڪندو آھي ته جيئن امريڪي ۽ پاڪستاني عوام ۾ ڀائيچاري تي ٻڌل تعلقات قائم ڪري سگھجن، ٻنھي ملڪن جي ماڻھن کي راندين جي ذريعي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻجي. امريڪي حڪومت جي ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام بابت وڌيڪ تفصيلن لاءِ ھن لنڪ تي وڃو www.eca.state.gov
اسان جي سفارتخاني ۽ قونصل جي سرگرمين لاءِ ھن ويب سائيٽ تي وڃي
https://pk.usembassy.gov/embassy-consulates/karachi