ڪراچي: امريڪي قونصل خاني ڪراچي طرفان امريڪي صحافي ڊينيل پرل جي ياد ۾ ھر سال ٿيندڙ ورلڊ ميوزڪ واري ڏينھن جي حوالي سان ھڪ محفل موسيقيءَ جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ 600 کان ڌيڪ ماڻھن شرڪت ڪئي. محفل موسيقي قونصل جنرل گريس شيلٽن جي رھائش گاھ تي ٿي جنھن ۾ سنڌ جي ٻن ميوزڪ بينڊ سائونڊس آف ڪولاچي احسن باري جي اڳواڻي ۾ دي اسڪيچز بينڊ سيف سميجو جي اڳواڻي ۾ فن جو مظاھرو ڪيو.
ڊينيل پرل جي ياد ۾ ٿيل محفل موسيقي جي تقريب ۾ خصوص شرڪت پاڪستان ۾ نائب امريڪي سفير جوناٿن پريٽ ڪئي. پنھجي خطاب ھن چيو ته ڊينيل پرل احترام ۽ ھڪ ٻئي کي سمجھڻ جھڙن قدرن کي عام ڪيو، ھن ھميشه موسيقيءَ ذريعي ٻين ثقافتن کي سمجھڻ ، ڳنڊڻ ۽عام ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. ھن ڌيڪ چيو ته اڄوڪي رات ھي راڳ ٻڌڻ بعد ويٺل سڀني ماڻھن سندس اھو پيغام محسوس ڪيو آھي.
ان موقعي تي پنھجن خيالن جي اظھار ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته ھي فنڪارپنھجن گيتن ذريعي پيار ۽ ھم آھنگي کي عام ڪن ٿا. مون تازو حيدرآباد جي اسڪيچز بينڊ جو ڪلام حيدرآباد ۾ ٻڌوسندن موسيقي مونکي موھي وڌو، ۽ مونکي اڄ خوشي آھي ته ان راڳ جو پيغام اڄ ماڻھو ھتي ٻڌي رھيا آھن، جنھن ۾ خاص ڪري سنڌ جي خوبصورت روايتي موسيقيءَ کي جديد سازن سان گڏ پيش ڪيو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ۽ امريڪي عوام اڄ وري سھپ، رواداري ۽ ھڪ ٻئي کي سمجھڻ جي پيغام سان گڏ بيٺا آھن.
امريڪي صحافي ڊينيل پرل جي ياد ۾ ھر سال ڊينئيل پرل ورلڊ ميوزڪ ڊي ملھايو ويندو آھي جنھن ۾ سندس موسيقيءَ ۽ صحافتي زندگيءَ کي ياد ڪيو ويندو آھي. ڊينئيل پرل کي پنھجي صحافتي ذميداريون نڀائيندي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو ھو. ڊينئيل پرل جھڙا صحافي سڄي دنيا ۾ جمھوريت جي مظبوطي ۽ ماڻھن وچ ۾ ھم آھنگي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ھو ان ۾ خطرا پڻ کڻي رھيا آھن. ڊينئيل پرل جي شاندار صحافتي ڪم جو قدر ڪندي سندس ياد ۾ سال 2002 کان دنيا جي 140 ملڪن ۾ ڊينيئل پرل ورلڊ ميوزڪ ڊي ”انسانيت لاءِ رواداري“ جي عنوان سان ملھايو ويندو آھي، جنھن جو مقصد رھيو آھي ته ميوزڪ ذريعي اختلافن کي گھٽائي سگھجي ٿو.