امريڪي قونصل خاني پاران ٽنڊي آدم ۽ ڪراچيءَ جي شاگردن لاءِ انگريزي ٻوليءَ سيکارڻ واري پروگرام جو افتتاح

6 نومبر 2019
امريڪي مشن پاڪستان
فوري جاري ڪرڻ لاءِ
رابطو: امريڪي قونصل خانو ڪراچي، پبلڪ افيئرز سيڪشن

امريڪي قونصل خاني پاران ٽنڊي آدم ۽ ڪراچيءَ جي شاگردن لاءِ انگريزي ٻوليءَ سيکارڻ واري پروگرام جو افتتاح

ڪراچي (6 نومبر 2019) – ڪراچي ۾ رٿيل هڪ تقريب ۾ امريڪي قونصل خاني ڪراچي 125 چونڊيل شاگردن کي ٻن سالن واري ”انگلش ايڪسِس مائڪرواسڪالرشپ پروگرام“ ۾ شامل ٿيڻ تي آجيان ڪئي. هي پروگرام قونصل خاني طرفان هلندڙ 8 ملين امريڪي ڊالرن واري سيڙپڪاري پروگرام جو حصو آهي جنهن تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ سندن پيشيوراڻي بهتري سان گڏوگڏ رهبراڻا گُر ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ مهارتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون.

سال 2006 کان وٺي امريڪي قونصل خانو ڪراچي، سنڌ جي ڪوٽڙي، حيدرآباد، ڄامشورو، سکر، جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي گوادر ۽ پشين شهرن ۾ معاشي لحاظ کان پٺتي پيل شاگردن لاءِ اهو پروگرام هلائيندو پيو اچي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا 10 هزار کان وڌيڪ شاگرد پڙهي پاس ڪري زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

شاگردن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪلچرل اتاشي ڪيمرون ٿامس شاهه چيو ته ”هر نئين سال سان اسان کي اهو مشاهدو ٿئي ٿو ته انگريزي ٻولي ۾ مهارت حاصل ٿيڻ سان شاگردن ۾ خوداعتمادي ۽ اڳواڻي ڪرڻ جو صلاحيتون اُڀري اچن ٿيون. امريڪي حڪومت جي انگريزي ٻولي لاءِ هلندڙ پروگرامن جا هزارين المنائي پاڪستان کي خوشحال، مضبوط ۽ محفوظ بنائڻ واري ڪم ۾ رُڌل آهن. اميد ته ٻيا نوجوان به اڳتي اچي ان ڪم ۾ بهرو وٺندا.“

انگلش ايڪسِس مائڪرواسڪالرشپ حاصل ڪندڙ مالي طور پٺتي پيل گهراڻن جا تعليمي ميدان ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگرد هوندا آهن جن لاءِ انگريزي ٻولي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ، بهتر موقعا ماڻڻ جا در کولي سگهي ٿو. هن پروگرام هيٺ شاگردن کي ڪاروباري رابطي ڪاري واريون مهارتون يا Business Communication Skills سيکاريون وڃن ٿيون ته جيئن انهن کي بهتر تعليم ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جا موقعا ملي سگهن ۽ پنهنجي خاندان جي بهتر سهائتا ڪري سگهن. ان پروگرام ۾ جيڪي نوجوان پڙهي چڪا آهن اهي اڄ جا استاد، پوليس آفيسر، صحت ڪارڪن ۽ وڪيل پڻ آهن جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان کان ويندي پوري پاڪستان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

پاڪستان جي تعليم جي شعبي ۾ امريڪي حڪومت پاران سهائتا پروگرامن لاءِ https://pk.usembassy.gov/education-culture ڏسو.