آمريڪي يونيورسٽين پاران پاڪستاني شاگردن لاءِ امريڪا ۾ اعلى تعليمي موقعن بابت آگاهي نمائش

2 آڪٽوبر 2019
رابطو: جيسن گرين
فون: 021-3527-5000

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي يونيورسٽين جي نمائندن پاران پاڪستاني شاگردن لاءِ آمريڪا ۾ اعلى تعليمي موقعن بابت ڪراچي ۾ آگاهي نمائش

ڪراچي – اعلى تعليمي پروگرامن ۽ عالمي طور تي مڃيل سوين معياري شعبن ۾ خاص حيثيت رکندڙ آمريڪي درسگاهون دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن کي معياري تعليم جا موقعا آڇين ٿيون. انهن مان 25 امريڪي درسگاهن جي نمائندن EducationUSA پاران پنهنجي پاڪستان ياترا دوران ڪراچي ۾ رٿيل نمائش ۾ شاگردن، سندن والدين ۽ استادن سان ملاقات ڪري کين آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بابت آگاهي ڏني.

انهن نمائندن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا دورا ڪيا ۽ لڳايل تعليمي ميلن دوران شاگردن کي پنهنجن ادارن پاران آڇيل پروگرامن، داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ بابت معلومات ڏني.

قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين ان موقعي جي مناسبت سان چيو ته، ” هن وقت 7,600 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد آمريڪا ۾ مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. توڻي جو شاگردن جو اهو انگ بهتر چئبو پر اسين چاهيون ٿا ته اڃا به وڌيڪ تعداد ۾ پاڪستاني شاگرد آمريڪي درسگاهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن. آمريڪا سموري دنيا مان ايندڙ شاگردن کي جديد تعليمي وسيلا مهيا ڪري کين ايڪويهين صدي جي مسئلن ۽ سندن حل سميت جديد دور جي موقعن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ جا گُر سيکاري ٿو. ان سان سندن صلاحيتن ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏوگڏ کين جاب مارڪيٽ ۾ سرسي پڻ حاصل ٿئي ٿي.“

EducationUSA پاڪستان، آمريڪا ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ بابت معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ جوڙيل هڪ باضابطا ادارو آهي ۽ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران 175 ملڪن ۾ شاگردن جي صلاح مشوري لاءِ قائم 425 مرڪزن جو حصو آهي. پاڪستان ۾ EducationUSA جو اهتمام آمريڪا ۽ پاڪستان پاران گڏيل طور تي 1950 ۾ قائم ڪيل ڪميشن يو ايس ايجوڪيشنل فائونڊيشن ان پاڪستان (USEFP) پاران ڪيو ويندو آهي.

ويسٽرن ڪينٽڪي يونيورسٽي جي برائسن ڪيلٽنر 2019 ياترا ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته، ”هن ياترا دوران ٿيندڙ سمورن انتظامن، پاڪستانين جي مهمان نوازي، اسٽاف ۽ نمائندن ۾ دوستاڻي لاڳاپن مان تمام گهڻو متاثر ٿياسين. ان دوران اسان کي ڪيترن ئي لائق شاگردن سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ واسطا پڻ وڌيا.“

EducationUSA پاڪستان پاران مفت تعليمي مشورن لاءِ مهرباني ڪري www.usefpakistan.org تي وڃو.