امريڪي پروگرام سان لاڳاپيل شاگردن سامونڊي ڪنارن جي صفائيءَ ۾ حصو ورتو

امريڪي سرڪار جي سهڪار سان هلندڙEnglish Access Micro scholarship Program (Access) سان لاڳاپيل 50 کان مٿي شاگرد ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري کي صاف ڪرڻ لاءِ اڄ صبح سوير گڏ ٿيا. پاڪستاني ۽ امريڪي رضاڪارن ان ۾ حصو ورتو. امريڪي قائونصل جنرل برائن هيٿ ۽ نئون آيل قائونصل جنرل گريس شيلٽن به صفائيءَ واري هن مهم ۾ ساڻن شريڪ ٿيا.

”اڄوڪي هن عمل مان ثابت ٿي ويو ته اسان هن شهر جي صفائيءَ کي اهميت ڏيون ٿا ۽ اهو ڪردار به ادا ڪيوسين، جيڪو هتان جي ماڻهن لاءِ ادا ڪرڻ اسان سڀني لاءِ ممڪن آهي.“ اهڙو اظهار قائونصل جنرل برائن هيٿ رضاڪارن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ”اسان هنن نوجوانن جي شهري جذبي مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، جيڪي سڀني جي تفريح لاءِ ڪراچيءَ جا سامونڊي ڪنارا شفاف رکڻ ۾ مددگار ٿي رهيا آهن.“

PAS_7686

امريڪا جي سيڪريٽري اسٽيت جان ڪيري پاران هن مهيني جي 15 تاريخ تي ”اسان جو سمنڊ“ جي عنوان سان ٿيندڙ ٽئين ڪانفرنس کان اڳ امريڪي ۽ پاڪستاني رضاڪارن گڏ ٿي هن مهم ذريعي سمنڊن جي بچاءَ ۽ سامونڊي گدلاڻ خلاف ويڙهه ۾ پنهنجي گڏيل سچائي واري جذبي کي اجاگر ڪيو.

English Access Micro scholarship Program (Access) دراصل اسڪولي تعليم کان پوءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن سالن جو اهڙو پروگرام آهي، جنهن ۾ پسمانده يا سهولتن کان محروم علائقن سان تعلق رکندڙ اهڙن نوجوانن جي تريبت ڪئي ويندي آهي، جن جي عمر 20 کان 30 سالن درميان هوندي آهي. سموري دنيا ۾ هن پروگرام جي رسائي 80 کان وڌيڪ ملڪن جي هڪ لک 15 هزار کان وڌيڪ شاگردن تائين ڦهليل آهي. جڏهن اهو پروگرام 2004ع دوران پاڪستان ۾ آيو ته ان جي شروعات ڪراچيءَ کان ٿي ۽ هن مهل تائين ان جي رسائي سموري ملڪ ۾ 13000 شاگردن تائين ٿي چڪي آهي. مقامي آباديءَ جي فلاح لاءِ ڪم جي ذريعي Access پروگرام سان لاڳاپيل شاگرد مقامي آباديءَ کي سماجي مسئلن بابت پڻ شعور ڏئي رهيا آهن. هو پنهنجي ڪم سان مثبت شهري روين، پسمانده ماڻهن لاءِ همدردي ۽ نوجوانن ۾ اڳواڻيءَ جي صلاحيتن کي پڻ فروغ ڏئي رهيا آهن.

اوهان امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران شروع ڪيل انگريزي ٻوليءَ جي هن پروگرام لاءِ وڌيڪ معلومات هن لنڪ ذريعي به حاصل ڪري سگهو ٿا: AmericanEnglish.state.gov