13 ڊسمبر 2019
رابطو: سڊني سمِٿ
فون: 021-3527-5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
پاڪستاني مامرن واري امريڪي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري اروِن مَسِنگا جي پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (FPCCI) جي ميمبرن سان واپار ۽ معاشيات تي ڳالهه ٻولهه
ڪراچي – سٺي گورننس، ڏُور رس ۽ مارڪيٽ مطابق ٺهيل پاليسيون هڪ سٺي نجي شعبي ۽ پائيدار معاشي ترقي جون ضامن هونديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني مامرن واري امريڪي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري اروِن مَسِنگا، پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (FPCCI) جي ميمبرن سان ڪراچي ۾ ٿيل گفتگو دوران ڪيو.
ارون مسنگا پاڪستان پاران تازن معاشي سڌارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهي ايندڙ وقتن ۾ ملڪ جي معاشي پيڙهه کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. انهن چيو ته اهي سڌارا پاڪستان جي معاشي ترقي، خانگي شعبي پاران سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ برآمداد وڌائڻ لاءِ ضروري آهن. اروِن مسنگا ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته واپارين کي گهرجي ته حڪومت سان ملي ڪري اڃا به وڌيڪ معاشي سڌاري آڻين ته جيئن ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي امداد کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي.
ان گڏجاڻي ۾ پاڪستان ۽ امريڪا جي گڏيل واپار ۽ ان لاءِ موجود سازگار ماحول تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي. سال 2018 ۾ ٻنهي ملڪن جو ٻه طرفو واپار هن وقت تائين جي سڀ کان بلند سطح 6.6 ارب امريڪي ڊالرن تائين پهتو. امريڪا پاڪستان لاءِ برآمدي سامان لاءِ سڀ کان پهرين ترجيح آهي جتي صرف گذريل سال 3.7 امريڪي ڊالرن جون پاڪستاني شيون خريد ڪيون ويون.
ڳالهه ٻولهه دوران ارون مسنگا اهڙن شعبن جي نشاندهي به ڪئي جن مان پاڪستاني صنعتڪار فائدو وٺي سگهن ٿا. انهن چيو ته امريڪي جنرلائيزڊ سسٽم آف پريفرنس هيٺ پاڪستاني ڪمپنيون مناسب شيون ڊيوٽي فري طور تي به درآمد ڪري سگهن ٿا جن ۾ هتان جون ٺهيل زرعي ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ان سهولت جي فائدي جو ڪاٿو گذريل پنجن سالن جي درآمدي رڪارڊ مان ڀلي ڀت لڳائي سگهجي ٿو.