آمريڪي ڪمرشل سروس جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني واپارين جي وفد جي پاڻي بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت

24 سيپٽمبر 2019
رابطو: جيسن گرين
فون: 021-3527-5000

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي ڪمرشل سروس جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني واپارين جي وفد جي پاڻي بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت

ڪراچي – آمريڪي ڪمرشل سروس جي اڳواڻي ۾ 16 نمائندن تي مشتمل پاڪستاني واپارين جو وفد 22 کان 25 سيپٽمبر 2019 تائين شڪاگو ۾ پاڻي ۽ ماحولياتي معاملن تي ٿيندڙ واٽر انوائرنمينٽ فيڊريشن ٽيڪنيڪل ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس (WEFTEC 2019) ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.

هن ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پاڻي تي ڪم ڪندڙ اعلى تربيت يافته ماهر حصو وٺي رهيا آهن. ان موضوع تي ٿيندڙ دنيا جي ان وڏي ڪانفرنس ۾ عام پاڻي ۽ نيڪال جي پاڻي لاءِ ڪتب ايندڙ جديد ٽيڪنالاجي نماءُ لاءِ رکيل آهي ۽ اهو حاضرين لاءِ ڪاروبار ۽ واسطا وڌائڻ جو بهترين موقعو آهي.

اميد ڪئي پئي وڃي ته شريڪ ٿيندڙ پاڪستاني وفد کي پاڻي ۽ نيڪال جي سرشتي بابت ٽيڪنالاجي ۽ ان شعبي ۾ موجود ڪاروبار جي موقعن بابت وڌيڪ سمجهه ۽ معلومات ملندي. پاڪستاني وفد، آمريڪي ڪمرشل سروس جي تعاون سان شريڪ ٿيندڙ دنيا جي 31 وفدن منجهان هڪ وفد آهي.

آمريڪي ڪمرشل قونصلر نيٿن سيفرٽ پاڪستان جي پاڻي ۽ ماحولياتي مسئلن سان سڌي ريت لاڳاپيل هن نمائش جي اهميت متعلق ڳالهائيندي چيو، ”ڄاڻايل پاڪستاني وفد کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرائڻ ان ڳالھ جي ثابتي آهي ته اسان پاڪستان ۾ موجود پاڻي جا انتظامي مسئلا جديد ترين آمريڪي ٽيڪنالاجي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيون ٿا.“

آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ساٿي آهي. سال 2017-18 ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروبار 1.3 کرب روپين جي رڪارڊ سطح تائين پهتو. اڳئين سال به آمريڪي ڪمرشل سروس پاڪستاني واپارين کي آمريڪا ۾ ٿيندڙ 10 کان وڌيڪ آمريڪي ڪاروباري پروگرامن ۾ شرڪت ڪرائي هُئي. ان بابت وڌيڪ معلومات لاءِ مهرباني ڪري http://weftec.org ڏسو.