آمريڪي ۽ سنڌ حڪومت پاران فوجداري قانون (ڪرمنل لا) جي نئين نصاب جي مهورت

28 آگسٽ 2019
رابطو: جيسن گرين
فون: 021-3527-5000

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي ۽ سنڌ حڪومت پاران فوجداري قانون (ڪرمنل لا) جي نئين نصاب جي مهورت

ڪراچي (اربع، 28 آگسٽ 2019) – ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين ۽ آمريڪي سفارتخاني جي منشيات جي روڪٿام ۽ قانون جي نفاذ جي مامرن واري بين الاقوامي شعبي (آءِ اين ايل) جي ڊائريڪٽر ڊوروٿي انگوٽا هڪ تقريب ۾ آئي جي سنڌ پوليس ڊاڪٽر سيد ڪليم امام سان گڏجي فوجداري قانون جي نئين نصاب جي مهورت ڪئي. ڄاڻايل ماڊيول ان سلسليوار تربيتي نصاب جو حصو آهي جيڪو سنڌ پوليس، آءِ اين ايل جي مدد سان ترتيب ڏنو آهي. هن رٿا کي ممڪن بنائڻ لاءِ آمريڪي حڪومت 88 ملين روپين جي فنڊنگ ڪري رهي آهي.

هيءَ رٿا  آءِ اين ايل ۽ سنڌ پوليس پاران 2011 ۾شروع ڪئي وئي جنهن جو مقصد سنڌ پوليس جي 25 سال پراڻي نصاب ۾ جدت آڻي بهتر بنائڻ آهي جنهن ۾ تربيتي نصاب ٺاهڻ، ماسٽر ٽرينر تيار ڪرڻ ۽ سنڌ پوليس جي سڀني تربيتي مرڪزن ۾ نوان ماڊيول لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن وقت تائين 85 هزار کان مٿي پوليس آفيسرن کي تيار ٿيل پنجن ماڊيولن مطابق تربيت ڏني وئي آهي جن ۾ ابتدائي جانچ پڙتال، انساني حق، ڳوڙهيءَ ۽ فارينزڪ تحقيق ۽ ڪميونٽي پوليسنگ شامل آهن. ساڳيءَ ريت هيءَ نصاب سڄي سنڌ ۾ پوليس جي تربيتي ادارن ۾ پڻ شامل ڪيو ويندو.

ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين چيو، هو چڱي ريت واقف آهي ته پوليس دهشتگردي ۽ ٻين ڏوهن کي منهن ڏيڻ وارين ڪوششن سان گڏوگڏ هڪ محفوظ، مستحڪم ۽ جمهوري معاشرو اڏڻ ۾ پڻ پيش پيش آهي. آءِ اين ايل جي ڊائريڪٽر ڊوروٿي انگوٽا چيو، اها فخر جي ڳالهه آهي ته پوري پاڪستان جي پوليس، سنڌ پوليس جي ان رٿا جي واکاڻ ڪئي آهي جيڪا ان جي وڏي ڪاميابي چئبي.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو منشيات جي روڪٿام ۽ قانون جي نفاذ جي مامرن وارو بين الاقوامي شعبو (آءِ اين ايل) 90 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪري بدعنواني ۽ ٻين ڏوهن تي ضابطو آڻڻ، منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن کي منهن ڏيڻ، پوليس جي شعبن کي بهتر بنائڻ سان گڏ قانون ۽ انصاف جي اهڙي نظام کي هٿي وٺرائڻ آهي جيڪو انصاف ۽ جوابدهي تي ٻڌل هجي. آءِ اين ايل بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ http://www.state.gov/j/inl/ ڏسو.