اينڊريو شوفر پاران ڪراچي جي دوري دوران اهم ملاقاتون: سبز اتحاد فريم ورڪ، صحت ۽ جديد تعليم سوڌو ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خاطري

DCM Schofer participated in a “Green Shipping” roundtable discussion with Federal Minister of Maritime Affairs Syed Faisal Ali Subzwari.

ڪراچي (جون، 2023) – پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر 31 مئي کان 3 جون تائين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد آمريڪا- پاڪستان “سبز اتحاد” فريم ورڪ سوڌو پاڪستان ۾ صحت جي سار سنڀال ۽ تعليم جي شعبن ۾ آمريڪا جي سهڪار توڙي عزم کي اجاڳر ڪرڻ هو. اينڊريو شوفر پنهنجي دوري دوران سرڪاري عملدارن، ڊاڪٽرز، انساني حقن جي نمائندن، ميڊيا ۽ آمريڪي حڪومت جي سهائتا سان هلندڙ انگلش ورڪس پروگرام جي شاگردن سان ملاقاتون ڪيون.

آمريڪا ۽ پاڪستان پاران “سبز اتحاد” فريم ورڪ وسيلي مستقبل ۾ پيش ايندڙ ماحولياتي ۽ معاشي چئلينجن کي گڏيل طور منهن ڏين لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. ڊي سي ايم اينڊريو شوفر انهن اوليتن کي همٿائڻ لاءِ پاڪستان جي سامونڊي معاملن جي وزير سيد فيصل علي سبزواري، حڪومتي عملدارن ۽ نجي شعبي جي سربراهن سان گول ميز ڳالهين ۾ حصو ورتو، ته جيئن ته پاڪستان ۾ جهاز راني جي ماحول دوست سرگرمين کي جديد گهرجن پٽاندڙ وڌائڻ لاءِ نوان طريقا ڳولي سگهجن. پاڪستان ۾ جهاز راني جي سرگرمين وسيلي گرين هائوس جو نيڪال گهٽائڻ سان نه رڳو ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، پر پاڪستان جي شپنگ صنعت ۽ جُملِي معيشت جي چٽاڀيٽي ۾ به اضافو ٿيندو.

آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر اهڙن 24 شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ڪئي، جيڪي آمريڪي سرڪار پاران دائود فائونڊيشن (TDF) کي جاري ڪيل گرانٽ تحت هلندڙ اونهاري ۾ آمريڪا وڃي ناسا جي خلائي مشن جو حصو ٿيندا. ٽي ڊي ايف کي پٺتي پيل علائقن جي اسڪولن مان سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿاميٽڪس جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ جي فنڊز مان 250،000 ڊالرز جي گرانٽ جاري ڪئي وئي. انهي مالي سهائتا وسيلي 50 اسڪولن جي 100 استادن کي اسٽيم (STEM)نصاب  پڙهائڻ بابت سکيا ڏني وئي، جڏهن ته انهن ئي اسڪولن جي 1200 شاگردن کي اسٽيم تعليم توڙي ڪيريئر ۾ دلچسپي کي همٿائڻ لاءِ ميگنيفاءِ سائنس سينٽر جو دورو ڪرايو ويو. هن تربيتي ڪورس ۾ حصو وٺندڙ اسڪولن وچ ۾ اسٽيم مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڪامياب ٿيل ٽن اسڪولن جي شاگردن کي هلندڙ اونهاري ۾ آمريڪا وڃي ناسا جي خلائي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪرڻ جو زبردست موقعو مهيا ڪيو ويندو.

آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر اهڙن 24 شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ڪئي، جيڪي آمريڪي سرڪار پاران دائود فائونڊيشن (TDF) کي جاري ڪيل گرانٽ تحت هلندڙ اونهاري ۾ آمريڪا وڃي ناسا جي خلائي مشن جو حصو ٿيندا. ٽي ڊي ايف کي پٺتي پيل علائقن جي اسڪولن مان سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿاميٽڪس جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ جي فنڊز مان 250،000 ڊالرز جي گرانٽ جاري ڪئي وئي. انهي مالي سهائتا وسيلي 50 اسڪولن جي 100 استادن کي اسٽيم جي تعليم بابت سکيا ڏني وئي، جڏهن ته انهن ئي اسڪولن جي 1200 شاگردن کي اسٽيم تعليم توڙي ڪيريئر ۾ دلچسپي کي همٿائڻ لاءِ ميگنيفاءِ سائنس سينٽر جو دورو ڪرايو ويو. هن تربيتي ڪورس ۾ حصو وٺندڙ اسڪولن وچ ۾ اسٽيم مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڪامياب ٿيل ٽن اسڪولن جي شاگردن کي هلندڙ اونهاري ۾ آمريڪا وڃي ناسا جي خلائي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪرڻ جو زبردست موقعو مهيا ڪيو ويندو.

اينڊريو شوفر سنڌ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي عملدارن ۽ پورهئي جي وزير سان گڏ مزدورن جي حقن بابت هڪ مباحثي ۾ حصو ورتو، جنهن دوران زراعت جي شعبي ۾ مزدورن جي حقن جي پائمالي ۽ ٻارن جي جبري پورهئي وارن مسئلن تي ويچار ونڊيا ويا. انڊريو شوفر ڪم لاءِ غيرمحفوظ حالتن ۽ استحصال جو شڪار پورهيتن جي بحالي آڏو پيش ايندڙ مسئلن  تي روشني وڌي، جڏهن ته پورهيتن جي حقن لاءِ آمريڪي سهڪار کي اجاڳر ڪندي سپلاءِ چين مان پورهيتن جو استحصال ڪندڙن جي نيڪالي تي زور ڀريو.

آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر ڪراچي جي دوري دوران ڪاروباري نمائندن، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران سيڙپڪاري سميت واپاري لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ، ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ سوڌو ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.