دادو جي شاگردن جي تعليمي بهتري لاءِ آمريڪي حڪومت پاران هڪ جديد اسڪول جو واڌارو

30 سيپٽمبر 2019
رابطو: جيسن گرين
فون: 021-3527-5000

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

دادو جي شاگردن جي تعليمي بهتري لاءِ آمريڪي حڪومت پاران هڪ جديد اسڪول جو واڌارو

دادو– يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي قائم مقام ڊائريڪٽر مارڪ سورنسن ۽ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي ڊائريڪٽر مشتاق سومرو، صوبائي اسيمبلي جي رڪن پيرمجيب الحق سان گڏجي دادو جي علائقي موندر ۾ يو ايس ايڊ جي تعاون سان تازو تعمير ٿيل اسڪول جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. عمارت ۾ موجود جديد ڪلاسروم، ڪمپيوٽر، سائنس ليب، صحت ڪمري ۽ لائبريري مان هر سال 800 کان وڌيڪ شاگرد فائدو حاصل ڪندا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي قائم مقام ڊائريڪٽر مارڪ سورنسن چيو، ”مونکي اهو ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته تعليم جي ميدان ۾ آمريڪي ۽ سنڌ حڪومت جي شراڪت جي ڪري سنڌ صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيندو پيو وڃي. سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ٻارڙن ۽ خاص طور تي ٻارڙين لاءِ پڙهائي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ کين سکيا جا محفوظ موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ خانگي شعبي سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.“

مشتاق سومرو ۽ پيرمجيب الحق يو ايس ايڊ جي ذريعي سنڌ صوبي جي تعليم ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائڻ تي آمريڪي حڪومت جي سهڪارجي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي مقامي اڳواڻ، مختلف برادرين جا ترجمان، استاد، شاگرد ۽ والدين پڻ موجود هئا.

ڄاڻايل اسڪول جي بلڊنگ سنڌ حڪومت جي تعاون سان يو ايس ايڊ جي 25 ارب پاڪستاني روپين واري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ تعمير ڪئي وئي. آمريڪي حڪومت اتر سنڌ جي 9 ضلعن سميت ڪراچي جي پنجن ٽائونز ۾ 112 جديد اسڪولي عمارتون تعمير ڪري رهيو آهي. ان منجهان 68 اسڪول تعمير ٿي چڪا آهن جڏهن ته 44 تعمير جي مختلف مرحلن ۾ آهن. هن پروگرام جو مقصد اسڪولن جون جديد عمارتون تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي چونڊ علائقن جي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ آهي ۽ هن جو خاص محور اُنهن ٻارڙن کي پڙهائي جو ٻيهر موقعو ڏيڻ آهي جيڪي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ويا آهن. اسڪول تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ SBEP صوبائي حڪومت جي تعليمي سڌارن، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ شاگردن جي پڙهڻ جي اهليت کي بهتر بنائڻ وارن قدمن جي پڻ سهائتا ڪري ٿو.

يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.