رابرٽ سلبرسٽين، ڪراچي ۾ امريڪي قونصل جنرل مقرر

1 آگسٽ 2019
رابطو: ڪرش داس، ترجمان

فوري جاري ڪرڻ لاءِ

رابرٽ سلبرسٽين، ڪراچي ۾ امريڪي قونصل جنرل مقرر

ڪراچي: رابرٽ سلبرسٽين پهرين آگسٽ کان ڪراچي ۾ امريڪي قونصل جنرل جو عهدو سنڀالي ورتو.  پاڻ امريڪي سينيئر فارن سروس جا ڪيريئر ميمبر آهن ۽ تازو ئي واشنگٽن ڊي سي ۾ انسپيڪٽر جنرل جي آفيس ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ٻاهرئين ملڪن ۾ مشنز جي ڪاروهنوار کي بهتر بنائڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.

ان کان پهريان قونصل جنرل سلبرسٽين امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي فارن سروس انسٽيٽيوٽ ۾ سينئر صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڊپارٽمينٽ جي ملازمت خارجه ۽ سول سروس آفيسرن لاءِ تربيتي ۽ تعليمي نصاب تيار ڪندا رھيا آھن.

قونصل جنرل سلبرسٽين لٿوانيا ۾ موجود امريڪي سفارتخاني ۾ ڊپٽي چيف آف مشن رهڻ سان گڏ نارڊڪ بالٽڪ معاملن جا آفيس ڊائريڪٽر ۽ ڏکڻ وچولي يورپ آفيس جا ڊپٽي ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪا آهن. ان کان علاوه سندن ٻين خدمتن ۾ ويٽنام جي هوچي منهه شهر ۽ ڪروشيا جي زگريب شهر ۾ امريڪي سفارتخاني ۽ هندستان جي چنائي شهر ۾ امريڪي قونصل خاني ۾ ذميواريون نڀائڻ شامل آهن.

قونصل جنرل، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪاليج آف انٽرنيشنل سڪيورٽي افيئرز مان نيشنل سڪيورٽي اسٽريٽجي ۽ جان هاپڪنز اسڪول آف ائڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز مان بين الاقوامي تعلقات ۽ بين الاقوامي معاشيات ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن.