سنڌ ۾ جديد تعليم ڏانهن هڪ ٻي وک: آمريڪي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اسڪول جو افتتاح

United States and Sindh Government Inaugurate a New Secondary School in Karachi

ڪراچي (ڊسمبر، 2022): عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايشلي مين ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪراچي ۾ نئين اسڪول جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. اهو اسڪول آمريڪي سرڪار طرفان سنڌ ۾ بُنيادي تعليم واري پروگرام (SBEP)کي جاري ڪيل مالي امداد سان ٺهرايو ويو.

ڪراچي جي علائقي اورنگي ۾ قائم ٿيل سرڪاري سيڪنڊري اسڪول ۾ اعليٰ ۽ جديد گهرجن  پٽاندڙ ڪلاس روم، ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي ليبارٽري جون سهولتون مليل آهن. جڏهن ته صحت جي سار سنڀال لاءِ هڪ ڪمرو ۽ هڪ لائبريري پڻ موجود آهي. هن اسڪول ۾ شاگرد جديد ۽ معياري تعليم پرائي سگهن ٿا.

عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) سنڌ سرڪار سان ڀائيواري تحت صوبي جي 10 ضلعن ۾ 106 جديد گهرجن پٽاندڙ ۽ اعليٰ معيار جا اسڪول تعمير ڪرڻ ۾مدد ڪري رهي آهي.

اُن موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر ايشلي مين چيو ته ”يو ايس ايڊ اِن ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿي ته حقيقي ۽ پائيدار ترقي جو سفر تعليم کان ئي شروع ٿيندو آهي، اسان جا پاڪستاني هم منصب پڻ اِن تصور تي يقين رکن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو يو ايس ايڊ سنڌ اندر تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ نواڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، ته جيئن ٻارن ۽ نوجوانن کي پرائمري کان اعليٰ تعليم پرائڻ جا وڌ کان وڌ موقعا مهيا ڪري سگهجن.

تقريب ۾ يو ايس ايڊ جا عملدار، سنڌ جو تعليم وارو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، علائقي جون سڄاڻ ڌُريون، استاد، شاگرد ۽ سندن والدين به شريڪ هئا.

تقريب ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاهه صوبي ۾ جديد ۽ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ آمريڪي حڪومت جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي، آمريڪي حڪومت طرفان يو ايس ايڊ سان ڀائيواري وسيلي تعليم جي شعبي ۾ سهڪار ڪيو پيو وڃي. يو ايس ايڊ سنڌ ۾ بُنيادي تعليم واري پروگرام (SBEP) وسيلي نوان اسڪول ٺاهڻ لاءِ 15 ڪروڙ 92 لک ڊالرز (25 ارب روپيا) جي سيڙپ ڪري چڪي آهي.

يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ ڏنل لنڪ تي وڃو: www.usaid.gov/Pakistan