سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي

29 آگسٽ 2019
رابطو: جيسن گرين
فون: 02135275000
فوري جاري ڪرڻ لاءِ

سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي

ڪراچي: سنڌ ۾ ماءُ ۽ نومولود ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ يوايس ايڊ پاران شروع ڪيل فليگشپ پروگرام، ميٽرنل اينڊ چائلڊ سروائيول پروگرام (MCSP) مان حاصل ڪيل نتيجن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.

آبادي ۽ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ سنڌ – بلوچستان ۾ يوايس ايڊ جي ڊائريڪٽر مائيڪل هرشهشن ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ خانداني منصوبابندي جي خدمتن تائين پهچ، دستيابي ۽ انهن جي استعمال کي بهتر ڪرڻ ۾ يوايس ايڊ جي هن پروگرام جي ڪوششن تي روشني وڌي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مائيڪل هرشهشن چيو ”مان نه صرف پروگرام جي ڪاميابين مان پر طئه ٿيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪوششن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. مونکي اميد آهي ته اسان پنهنجن گڏيل ڪوششن ذريعي ڄاڻايل مقصد ماڻينداسين ۽ سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح کي گهڻي حد تائين گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.“ 

گذريل ٽن سالن ۾ آبادي ۽ صحت کاتي سان گڏجي ميٽرنل اينڊ چائلڊ سروائيول پروگرام تحت ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ ٻار جي پيدائش، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان رٿائون شروع ڪيون ويون، گڏوگڏ اهڙين سرگرمين ۾ سهائتا پڻ ڪئي وئي، جِن ۾ ڪلينيڪل مانيٽرنگ، مريضن لاءِ مددي پيڪيج ٺاهڻ، ماسٽر ٽرينرز جي تربيت، صحت جي معياري طريقن ۽ عورتن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن پروگرام ذريعي آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي عملدارن کي سکيا ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن رهنمائي لاءِ هدايتون ۽ جانچ پڙتال جو طريقيڪار پڻ وضع ڪيو ويو. ان کانسواءِ حمل دوران صحت ۽ خانداني منصوبابندي بابت صلاح مشورا ڏيڻ لاءِ چونڊ سرڪاري صحت مرڪزن ۾ صلاحڪاري سهولتون به مهيا ڪيون ويون آهن. هن پروگرام لاءِ امريڪي حڪومت تقريباً 896 ملين پاڪستاني روپين جي امداد ڏني.

پاڪستان ۾ يوايس ايڊ جي پروگرامن بابت معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري هي ويبسائٽ ڏسو: www.usaid.gov/pakistan.