عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي ۽ سنڌ حڪومت جو تعليمي سڌارن لاءِ عوامي سجاڳي منصوبي جي ڪاميابي تي جشن

ڪراچي: عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (يو ايس ايڊ) ۽ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ عوامي سجاڳي بابت يو ايس ايڊ جي پروگرام (ايس سي ايم پي) جي ڪاميابين تي روشني وڌي وئي، هي پروگرام 9 سالن بعد پنهنجي ڪامياب پُڄاڻي تي پهتو آهي.

سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ يو ايس ايڊ جو ڊائريڪٽر اينڊريو ريبولڊ ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري تقريب ۾ خاص مهمان هئا.

تقريب ۾ ڳالهائيندي اينڊريو ريبولڊ چيو ته “سنڌ حڪومت سان ڀائيواري جي نتيجي ۾ صوبي اندر وڌ کان وڌ ٻارن جي تعليم تائين پهچ ممڪن بڻجڻ يو ايس ايڊ لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. اسڪولن ۾ ٻارن جي ساليانو حاضري وڌائڻ لاءِ مقامي آبادي، خاص ڪري ڇوڪرين جي والدين سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه پنهنجي نوعيت جو هڪ سنجيده معاملو هو. سنڌ ۾ اٽڪل 20 هزار ڇوڪرين کي اسڪول تائين پهچ ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جڏهن ته اُن کان اڳ 13 هزار کان وڌيڪ ڇوڪريون اسڪول ڇڏي چڪيون هيون. ايندڙ سالن ۾ سنڌ ڪميونٽي موبيلائيزيشن پروگرام جا هاڪاري نتيجا محسوس ڪيا ويندا.

ايس سي ايم پي، يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان جاري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جو مُکيه منصوبو هو، جنهن وسيلي جديد گهرجن پٽاندڙ 106 اسڪولن جي قيام سان گڏ شاگردن جي حاضري وڌائڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي. ايس سي ايم پي منصوبي سرڪاري اسڪولن جي عملي سان ڳالهه ٻولهه لاءِ مقامي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪيو، ته جيئن اسڪول جي نظام کي با اعتماد ، سازگار ۽ سگهارو بڻايو وڃي. ڳالهين جي انهي عمل سنڌ ۾ پهريون ڀيرو شاگردن جي حاضري ۽ ٻارن جي اسڪول ڏانهن واپسي ۾ واڌ لاءِ غيرمعمولي  رهنمائي جو ڪردار ادا ڪيو. ايس سي ايم پي طرفان پبلڪ سڪول جي سرگرمين ۾ بهتري لاءِ ايس اي ايل ڊي سان گڏجي پبلڪ پرائيويٽ پاٽرنرشپ تائين پهچ وڌائڻ لاءِ ڪاميابي سان ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ بهتر تعليمي نتيجا حاصل ٿيا.

سنڌ جي تعليم بابت سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪومت جي ڊگهي عرصي کان جاري مدد جي واکاڻ ڪئي.

تقريب ۾ ڊونر ايجنسين جي نمائندن ۽ لاڳاپيل ضلعن کان پهتل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻارن جي والدين، استادن ۽ مختلف آبادين جي نمائندن به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ وزٽ ڪريو: www.usaid.gov/Pakistan