فلمسازي سکڻ وارن  پاڪستاني شاگردن لاءِ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران هالي ووڊ جي چوٽي جي ليکڪا سان هڪ ورڪشاپ جو انتظام

31 مئي 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

 

فلمسازي سکڻ وارن  پاڪستاني شاگردن لاءِ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران هالي ووڊ جي چوٽي جي ليکڪا سان هڪ ورڪشاپ جو انتظام

ڪراچي: آمريڪي قونصل خاني ڪراچي، هالي ووڊ جي مشهور ليکڪا جينيٽ بئچلر (جنهن بئٽمئن فار ايور ۽ پامپي فلمون لکيون) کي دعوت ڏني ته هُومقامي فلمساز انعم عباس سان گڏجيپاڪستاني فلمسازي سکڻ وارن شاگردن لاءِ اسڪرين رائٽنگ ورڪشاپس منعقد ڪري. اهي ورڪشاپس فلمن ذريعي آمريڪا جي عالمي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪن فلم فيسٽيوَل پروگرام هيٺ رٿيل سلسلي جو حصو آهن جنهن هيٺ آمريڪي فلمساز دنيا جي چاليهن ملڪن جي فلمسازن سان گڏجي ڪم ڪندا آهن.

پنجن ڏينهن واري ان ورڪشاپ ۾ سڄي سنڌ جي يونيورسٽين جن ۾ ڪراچي يونيورسٽي، انڊس ويلي اسڪول آف آرٽس اينڊ آرڪيٽيڪچر ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنجمينٽ ۾ پڙهندڙ فلم، صحافت ۽ وزيوئل آرٽس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو.

ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڊپٽي ڪلچرل اتاشي ڪيمرون ٿامس شاھ چيو ته “اسان پاڪستاني فلم جي بحالي لاءِ ڊگهي عرصي کان سهائتا ڪندا پيا اچون. پاڪستان جي يونيورسٽين، فلمسازن ۽ ميڊيا ڪمپنين سان ڀائيواري، ثقافتي ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ واري گڏيل مقصد جي ڏَس ۾ قائم ٿيل آهي. آمريڪا، پاڪستاني ميڊيا لاءِ هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ هالي ووڊ مان ماهر آڻڻ پٺيان اسان جو مقصد پاڪستانين کي فلمسازي ۾ پاڻڀرو ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي خوبصورت ملڪ جي ڪهاڻي دنيا جي ماڻهن کي بهتر انداز ۾ ٻڌائي سگهن.”

ورڪشاپ بابت پنهنجا خيال ونڊيدي جينيٽ بئچلر چيو ته “مان پاڻ کي خوشنصيب ٿي سمجهان جو مونکي هن ورڪشاپ جو حصو ٿي شريڪ شاگردن ۽ استادن سان ڪهاڻي ۽ اسڪرين پلي جي تاڃي پيٽي، ڪردارن جي جوڙجڪ ۽ اسڪرين لاءِ لکڻ کي هڪ پيشي طور کڻڻ وارن پاسن تي ڳالهائڻ جو موقعو مليو. شريڪ ٿيندڙن وٽ دنيا جي سينيما جي حيرت انگيز حد تائين ڄاڻ آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هي ورڪشاپ کين پنهنجون ڪهاڻيون اسڪرين تي آڻڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن اسان به اُهي ڏسي سگهون.”

اميريڪن فلم شوڪيس (AFS) آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا جي اسڪول آف سنيمئٽڪ آرٽس وچ ۾ شراڪتداري  تحت هلندڙ پروگرام آهي. آمريڪي مشن پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندي AFS هر سال آمريڪي فلمساز ۽ ماهر پاڪستان ڏانهن اماڻيندو آهي جيڪي هتي اچي فلمن جي نمائش، ماسٽر ڪلاس، ورڪشاپس ۽ پريس سان ڳالھ ٻولھ ڪندا آهن. فلم ٺاهڻ واري ميدان ۾ تخليقي معاشيات ۽ شراڪتداري کي مضبوط ڪرڻ واري آمريڪي عزم کي پاڙينديAFS پاران پاڪستان لاءِ ترتيب ڏنل هر پروگرام اهڙو هوندو آهي جنهن سان چونڊيل موضوع تي بحث مباحثو شروع ٿي سگهي، شريڪ ماڻهن جي مهارتن ۾ اضافو ٿئي ۽ فلم جي ڪميونٽي پاڻڀري ٿئي ۽ پنهنجون ڪهاڻيون پاڻ ٻڌائي سگهي.

###