فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ امريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو طرفان پاڪ- امريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتر سنڌ جو اهم

ڪراچي (1 اپريل، 2022) ڪراچي ۾ امريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو 27 کان 31 مارچ تائين سنڌ جي اترين علائقن جو دورو ڪيو آهي. هُن پنهنجي دوري دوران سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو، وينس گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عدنان اسد، ڪانٽيننٽل بسڪيٽس لميٽيڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر حسن علي خان، چيئرمين گروپ آف ڪمپنيز محمد مبين جماڻي، صنعتي شخصيتن، ڪاروباري عورتن ۽ صحافين سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته قونصل جنرل درگاهه اڏيرو لال ۽ درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا به دورا ڪيا. قونصل جنرل جي اڳواڻيءَ ۾ امريڪي وفد طرفان سکر، لارڪاڻو ۽ خيرپور جا به دورا ڪيا ويا، جِن جو مقصد پاڪ- امريڪا لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اُنهن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ آهي.

امريڪي قونصل جنرل طرفان لاڙڪاڻو ۽ سکر سان واسطو رکندڙ ڪاروباري عورتن سان به ڳالهه ٻولهه هن دوري جو اهم پهلو آهي، اهي عورتون امريڪي سرڪار جي مالي مدد سان هلندڙ پروگرام اڪيڊمي فار وومين ۽ وِک وڌايو جو حصو آهن. اُن موقعي تي عورتن سوڌو ڪاروباري نمائندن کي آگاهي ملي ته هن پروگرام ذريعي ڪاروبار ڪرڻ جي حوالي سان ڪيئن سندن مدد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عورتن کي ڪاروبار هلائڻ لاءِ پيش ايندڙ ڏکيائين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي مستقبل ۾ عورتن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ خواهش جو اظهار به ڪيو ويو. ان سان گڏ امريڪي قونصل جنرل خيرپور ۾ اعلان ڪيو ته اي ڊبليو اي لاءِ درخواستن جو ايندڙ مرحلو 15 اپريل 2022ع تائين جاري رهندو. مارڪ اسٽرو جو چوڻ هو ته “امريڪا عورتن کي معاشي ۽ سماجي طور پاڻڀرو ڪرڻ ۽ سندن برابري جي حقن لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، اڪيڊمي فار آنٽرپرينيور ۽ وِک وڌايو پروگرام امريڪا جي انهي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. عورتن کي سگهارو ۽ پاڻڀرو ڪرڻ جو عمل معاشري، ملڪ ۽ دنيا لاءِ اهم سڙپڪاري جي حيثيت رکي ٿو.”

مارڪ اسٽرو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (سالو) ۽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي دوري دوران پاڪستان جي تعليم ۾ جدت آڻڻ لاءِ امريڪا جي ڊگهي مُدي لاءِ ڪردار جو عزم ورجايو. هُن مادرِ علمين جي نمائندن، سالو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو ۽ آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر مير محمد شاهه سان ملاقاتن ۾ اعليٰ تعليم بابت پاڪستان ۽ امريڪا جي گڏيل ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. امريڪا ۽ پاڪستان ۾ مادرِ علمين جي سطح تي ڀائيواري کي ترجيح ڏيڻ جو مقصد نصابي تحقيقي ۽ عوام سطح تي لاڳاپن ذريعي معاشي ترقي کي مستحڪم ڪرڻ آهي، جنهن سان وڌيڪ تربيت ۽ تعليم يافتہ ليبر مارڪيٽ وجود ۾ اچي رهي آهي. ان مقصد لاءِ قونصلخاني طرفان آءِ بي اي سکر ۽ ڪينساس ۾ جونسن ڪائونٽي ڪميونٽي ڪاليج وچ ۾ شراڪتداري لاءِ به مالي مدد ڪئي وئي، ته جيئن ٻهراڙي جي علائقن ۾ شاگردن جي جديد تعليم ۽ فني تربيت تائين پهچ کي وڌائي سگهجي. انهي ڀائيواري جي نتيجي ۾ اتر سنڌ جي علائقن ۾ 14 ڪميونٽي ڪاليج آءِ بي اي جي انتظام هيٺ قائم ڪيا ويا آھن.

قونصل جنرل مارڪ اسٽرو نمائش ڪالوني ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو به دورو ڪيو، جيڪو يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي) تحت 2018ع ۾ ٺاهيو ويو، هي اسڪول اڄڪلهه سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن طرفان هلايو پيو وڃي. امريڪا طرفان سنڌ سرڪار جي گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۾ 80 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ايس بي اي پي تحت 159.2 ملين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن. سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي سوڌو سڄي سنڌ ۾ هيل تائين 106 مان 79 اسڪولن جي اڏاوت ٿي وئي آهي.

مارڪ اسٽرو تعليم ۽ ثقافت جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو ۽ ڊائريڪٽر سچل سرمست لائبريري غلام سرور چنڙ سان گڏ لنڪن ڪارنر خيرپور جو به افتتاح ڪيو، جنهن کي مرمت بعد ٻيهر کوليو ويو آهي. هي ڪارنر پاڪستان امريڪي ڪلچرل سينٽر جي سهڪار سان هلايو پيو وڃي، جتي جديد ريڊنگ ڪارنر ۽ ڪمپيوٽر ليب سوڌو جديد سهوليتون مهيا ٿيل آهن. ان موقعي تي قونصل جنرل اسٽرو چيو ته “سنڌ ۾ قائم پنج لنڪن ڪارنر س پاڪستان سان عوامي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري

رهيا آهن. اسان کي فخر آهي ته پاڪ- امريڪا لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ تي لنڪن ڪارنر خيرپور کي مرمت بعد ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي.

وفد طرفان سنڌ جي شاهڪار آڳاٽن ثقافتي ورثن جا به دورا ڪيا ويا. قونصل جنرل مارڪ اسٽرو درگاهه اڏيرو لال ۽ درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهچي مزارن تي گُل رکيا. هُن چيو ته صوفي بزرگن جي برداشت ۽ رواداري بابت تعليم اسان لاءِ مشعل راه آهي. امريڪي وفد موهن جي دوڙي جو دورو ڪري سنڌو ماٿر جي شاهڪار تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪئي. قونصل جنرل مارڪ اسٽرو آڳاٽن آثارن ۽ ورثن جي تحفظ جي اهميت کي اجاڳر ڪندي چيو ته امريڪا، آمريڪي سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ ذريعي پاڪستان ۾ قديم آثار محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. امريڪي قونصليٽ ۾ به سنڌي ۽ بلوچ ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ لاءِ فنڪارن، شاعرن، دانشورن ۽ روشن خال ماڻهن جي کُليل دل سان آجيان ڪئي ويندي آهي.”

امريڪي قونصل جنرل پنهنجي دوري دوران سکر چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته ڪانٽيننٽل بسڪيٽ فيڪٽري جو دورو ڪيو ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ صحافين سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پاڪستان سان عوامي سطح تي معاشي ۽ تعليمي لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ امريڪي سرگرمين بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ وزٽ ڪريو: www.facebook.com/karachi/usconsulate  اورTwitter: @usconsulatekhi