10 ڊسمبر 2019
رابطو: سڊني سمِٿ
فون: 021-3527-5000
فوري جاري ڪرڻ لاءِ
قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين پاران سنڌ سان امريڪي لاڳاپا بهتر بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ
ڪراچي – امريڪي قونصل خاني ڪراچي جي هڪ ٽيم گذريل هفتي ڏکڻ سنڌ جو دورو ڪري پاڪستاني عوام سان امريڪي دوستي جو عزم ورجايو.
پنهنجي دوري بابت ڳالهائيندي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين چيو ته ”مونکي سنڌ جي مهمان نوازي ۽ هتان جي شاهوڪار ثقافت جو معيار ڏسي خوشگوار حيرت ٿي آهي. امريڪا ڪيترن ئي شعبن خاص ڪري صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سنڌ سان اڳ ۾ ئي لهه وچڙ ڪندو رهي ٿو ۽ اڳتي به سنڌ جي معاشي ترقي لاءِ نوان دڳ ڳولڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“
ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ مٺي ۾ قونصل جنرل مقامي واپارين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان ملي ٻه طرفي واپار، تعليم، جبري پورهئي ۽ صحافت جي آزادي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي کُلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
قونصل خاني جي ٽيم اسلام ڪوٽ ۾ موجود صحت مرڪز جو دورو پڻ ڪيو جنهن جي عمارت تازو ئي يو ايس ايڊ پاران سڌاري مرمت ڪرائي وئي آهي. يو ايس ايڊ عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ موجود 10 مرڪزن جي عمارتن کي نئون ڪرڻ سان گڏوگڏ ٿرپارڪر جي 45 صحت مرڪز ۾ ماءُ ۽ نون ڄاول ٻارن ۽ وڏن ٻارن لاءِ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن ۽ 100 صحت ڪارڪنن کي سکيا پڻ ڏني وئي آهي.
قونصل جنرل مٺي ۾ موجود NED يونيورسٽي ۾ ڪئمپس جي پهرين بئچ ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن سان پڻ ملاقات ڪري کين امريڪا ۾ موجود تعليمي موقعن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو. هن سال 7,900 پاڪستاني شاگرد امريڪا ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
قونصل جنرل عمرڪوٽ ۾ موجود شِيوَ مندر وڃي سنڌ جي مذهبي رواداري جي ريت قائم رکندي هندو برادري جي اڳواڻن سان ملاقات پڻ ڪئي جن ۾ گهٽ ذات سمجهيا ويندڙ هندو پڻ شامل هئا.
ان بعد قونصل جنرل ٿرپارڪر ضلعي ۾ ئي موجود ٿرڪول بلاڪ ٽو جو پڻ دورو ڪيو جتي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران ڪوئلي جي کوٽائي ڪئي پئي وڃي. هن توانائي جا وسيلا ۽ بجلي جي پيداوار وڌائڻ بابت ڪمپني عملدارن سان امريڪي ڪمپنين جي لهه وچڙ وڌائڻ جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. امريڪا ۽ سنڌ وچ ۾ اڳ ۾ ئي مضبوط لاڳاپن جو اعتراف ڪندي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين ان ڳالھ جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ سان بهتر لاڳاپا ئي امريڪا جي ترجيح آهن.