قونصل جنرل مارڪ اسٽرو پاران آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حيدرآباد، ڄامشورو ۽‌ ٺٽي جو دورو

4 نومبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو حيدرآباد، ڄامشورو ۽‌ ٺٽي جو دورو ڪري صحت، تعليم، توانائي ۽ جيل سڌارن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن کي اجاگر ڪيو

ڪراچي، 4 نومبر 2021 – آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو پاڪستاني عوام سان ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ زندگي بچائڻ وارين ڪرونا ويڪسين لڳرائڻ واري عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ 2 نومبر کان 4 نومبر تائين حيدرآباد، ڄامشوري ۽ ٺٽي جو دورو ڪيو.

قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ڄاڻايل علائقن جي دوري دوران تعليم، صحت، توانائي ۽ جيل سڌارن ۾ ڀائيواري تي ٻڌل مختلف رٿائن جو افتتاح ڪيو. حيدرآباد ۾ قونصل جنرل مارڪ اسٽرو آمريڪا ۽ سنڌ حڪومت جي ڪرونا ويڪسينيشن آگاهي مهم فضائن کان فلاح تائين مھم هيٺ شاھ ڀٽائي اسپتال جي ويڪسين يونٽ جو دورو ڪيو. آمريڪا ڪروناوائرس جي خلاف عالمي ويڙھ ۾ هڪ اڳواڻ جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ ويڪسين جون 20 ڪروڙ کان وڌيڪ خوراڪون عطيو ڪيون آهن.

قونصل جنرل اسٽرو حيدرآباد ۾ فائزر ويڪسين لڳرائڻ وارن ماڻهن ۽ اُتي موجود صحت ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته “اسان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ پاڪستاني عوام سان گڏ ٻيٺل آهيون. مان حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪندس ته اهي پنهنجي گهروارن ۽ دوستن کي ڪرونا کان بچائڻ لاءِ جلد ويڪسين لڳرائين .” قونصل جنرل ٻڌايو ته آمريڪا جي عوام هيل تائين پاڪستان کي فائزر ۽ موڊرنا ڪرونا ويڪسين جون تقريباَ ٻه ڪروڙ ٽيھ لک خوراڪون مهيا ڪيون آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ لاءِ ان نموني جو سڀ کان وڏو عطيو آهي.

قونصل جنرل سنڌ جيل کاتي جي اسٽاف ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۽ جيل مينيجمنٽ انفارميشن سسٽم جي هينڊنگ اوور تقريب ۾ پڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سميت شرڪت ڪئي. آمريڪي مشن پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري تنظيم جي سهڪار سان تيار ڪيل اهي رٿائون پاڪستان ۾ جيلن جي طريقيڪار کي عالمي سطح جي مطابق بهتر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.

مارڪ اسٽرو لنڪن ڪارنر حيدرآباد ۾ انگلش ايڪسيس مائڪرو اسڪالرشپ پروگرام هيٺ نئين گروپ جو پڻ افتتاح ڪيو. 2005 کان هيل تائين انگريزي ٻولي ۾ تعليم ۽ قيادت جي ٻن سالن واري ان پروگرام هيٺ سنڌ جي پنج هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي ۽ پيشه وراڻي ڪاميابي لاءِ تيار ڪيوويو آهي.

جهمپير ۾ قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل آمريڪي سهائتا سان هلڻ واري پن بجلي ٽرانسميشن سسٽم جو افتتاح ڪيو ته جيئن پاڪستان کي صاف سٿري ۽ پائيدار توانائي جي مرڪب منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل سيڙپ سان پاڪستان جي نيشنل اينرجي گرڊ ۾ 780 ميگاواٽ پن بجلي شامل ٿي وئي آهي.

قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ٿاڻي بولا خان جي هندو برادري سان مليا، جتي انهن برادري جي اڳواڻن ۽ قليتي حقن واري قومي ڪميشن جي چيئرپرسن چيلا رام سان ملاقات ڪئي. دوري دوران انهن شري گرو منگل گير آشرم تي حاضري پڻ ڀري ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان جي جمهوريت، مذھبي رواداري ۽ ايڪي تي ٻڌل معاشري ۽ گڏيل اصولن تي روشني وڌي. ان موقعي تي قونصل جنرل پاڪستان، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ ڏياري ملهائڻ وارن کي واڌايون پڻ ڏنيون.

حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ موجود چئن وڏين يونيورسٽين جي قيادت سان گڏجاڻي دوران انهن تعليم جي ميدان ۾ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستاني ليگل انڪيوبيٽر پروگرام جي قيام لاءِ آمريڪي مالي مدد سان هلندڙ شراڪت سميت آمريڪا ۽ پاڪستاني يونيورسٽين وچ ۾ هاڻوڪي ۽ مستقبل ۾ ڀائيواري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

قونصل جنرل مارڪ اسٽرو چيو ته مونکي ڄاڻيل ضلعن جي دوري ۽ ڪاروباري، سول سوسائٽي، تعليمي ۽ سياسي اڳواڻن سان ٿيل گڏجاڻين دوران سنڌ جو سڀاء ۽ مهمان نوازي کي عملي طور ڏسڻ جو موقعو مليو. مختلف رٿائن تي سنڌ جي عوام سان گڏ جي ڪم ڪرڻ تي مونکي ذاتي طور تمام گهڻو فخر آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته مستقبل ۾ به گڏجي ڪم ڪندا رهون.”

###