27 سيپٽمبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان هلندڙ اسڪولن جا انتظامي معاملا هلائڻ لاءِ ٿيندڙ معاهدن واري تقريب ۾ شرڪت
ڪراچي – آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (ايس اِي ايل ڊي) ۽ خانگي ايجوڪيشن مينجمينٽ تنظيمن (اِي ايم او) وچ ۾ ٿيل معاهدي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
انهن معاهدن هيٺ سنڌ حڪومت جي چونڊيل اِي ايم اوز ڪراچي، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آمريڪي حڪومت پاران تعمير ڪرايل 13 نون اسڪولن ۽ 19 ٻين سرڪاري اسڪولن جو انتظام هلائڻ جون ذميوار هونديون.
قونصل جنرل اسٽرو ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته “منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالھ آهي جو مان انهن معاهدن تي صحيحون ٿيڻ وقت موجود آهيان جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جي چئن ضلعن ۾ وڌيڪ 32 سرڪاري اسڪولن جو انتظام بهتري ايندي. يو ايس ايڊ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام، سنڌ سرڪار جي سهڪاري سان ٻارن لاءِ تعليم تائين پھچ ممڪن بنائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي تعليمي معيار بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي.”
يو ايس ايڊ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام، سنڌ جي ڏهن ضلعن يعني دادو، جيڪب آباد، ڪراچي ملير، ڪراچي ڏکڻ، ڪراچي اوڀر، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ سکر ۾ 106 جديد اسڪول تعمير ڪري رهيو آهي جنهن سان هزارين پاڪستاني ٻارڙن جي تعليمي ضرورت جو پورائو ممڪن ٿي سگهندو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آمريڪي حڪومت پاران سنڌ صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ڪيل اُپائن جي ساراهه ڪئي. ان تقريب ۾ سنڌ جو تعليم، ثقافت، سياحت، قديم آثارن ۽ آرڪائيوز جي وزير سيد مراد علي شاھ پڻ شريڪ ٿيا.
يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ مهرباني ڪري ڏسو: www.usaid.gov/Pakistan
###