25 آگسٽ 2021
رابطو: ايمي ڪرسچنسن
فون: 021 3527 5000
فوري جاري ڪرڻ لاءِ
مارڪ اسٽرو، ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل طور عهدو سنڀالي ورتو
ڪراچي: مارڪ اسٽرو 21 آگسٽ 2021 تي ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل طور عهدو سنڀالي ورتو آهي. هو امريڪي سينيئر فارن سروس جا ڪيريئر ميمبر آهن ۽ تازو ئي واشنگٽن ڊي سي ۾ گلوبل افيئرز جي بيورو ۾ انٽرنيشنل ميڊيا جي قائم مقام اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.
ان کان اڳ مارڪ اسٽرو شام جي اُتر الهندي علائقن ۾ سيريا ٽرانزيشن اسسٽنس ريسپانس ٽيم جا ٽيم ليڊرهئا. پاڻ واشنگٽن ۾ ايگزيڪيوٽو سيڪريٽيريئٽ اسٽاف ۾ اسٽريٽيجڪ ڪميونيڪيشنز جي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ پريس سيڪريٽري ۽ ان کانپوءِ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ڊپٽي ترجمان طور پڻ ڪم سرانجام ڏنائون ۔
قونصل جنرل مارڪ اسٽرو پاڪستان ۾ ٻيهر خدمتون سرانجام ڏيڻ آيا آهن انکان اڳ هُو 2011-12 دوران اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جا ترجمان پڻ رهي چڪا آهن. ان کانسواءِ ڪويت سٽي (ڪويت)، بصره، الھلال (عراق)، ڪابل (افغانستان)، ريئو ڊيجنيرو (برازيل) ۽ رياض (سعودي عرب) ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿن.
قونصل جنرل مارڪ اسٽرو فارن سروس ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ هڪ صحافي طور ڪيترين ئي روزاني ۽ هفتيوار اخبارن ۽ رسالن سان ڪم ڪيو جن ۾ فلاڊيلفيا انڪوائرر پڻ شامل آهي جتي هو 2000 کان 2002 تائين ڊيلي بيٽ رپورٽر رهيا.
مارڪ اسٽرو رئنڊالف مئڪن ڪاليج مان تاريخ ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ بي اي جي ڊگري ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي گريجوئيٽ اسڪول آف جرنلزم مان صحافت ۾ ايم ايس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
###