مذهبي رواداريءَ جي فروغ لاءِ مذهبي اڳواڻن ۽ قائونصل جنرل پاران عبادتگاهن جو دورو

 

ڪراچي: مختلف مذهبن جي پاڻ ۾ تعاون ۽ مذهبي روادريءَ وارين ڪوششن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ اڄ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن ڪراچي ۾ موجود عبادتگاهن جو دورو ڪيو ۽ ملڪ اندر مذهبي رواداري جي حوصلا افزائي ۽ انتها پسنديءَ جي حوصلا شڪنيءَ واري عهد جي تجديد ڪئي. انهن جي دعوت تي قائونصل جنرل گريس شيلٽن پڻ سندن گروپ ۾ شموليت ڪئي.

”اڄ اسان هڪ مسجد، هڪ ڪئٿولڪ چرچ، هڪ هندو مندر، هڪ سک گودوارو ۽ هڪ صوفي درگاهه گهمي ڏٺو. اهي مذهبي جڳهيون ڏسندي مونکي احساس ٿيو ته ڪراچيءَ جا ڪيترا نه رنگ آهن ۽ شهر جي تاريخي مذهبي جاين جو تحفظ ڪرڻ ڪيترو نه اهم آهي.“ گريس شيلٽن پنهنجي راءِ ڏني.

نيشنل انٽرفيٿ هارموني ڪائونسل آف پاڪستان جي سنڌ لاءِ چيئرپرسن منگلا شرما چيو ته، ”هنن اڳواڻن سان مذهبي جڳهيون گهمڻ تمام گهڻي متاثر ڪندڙ ڳالهه آهي. مان پراميد آهيان ۽ شهر توڙي ملڪ اندر مذهبي روادريءَ جي حوصلا افزائي ڪرڻ وارين منهنجين ڪيترين ئي ڪوششن مان اها به هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي.“

قائونصل جنرل ۽ مذهبي اڳواڻن گڏيل طور تي جامعه اسلاميه ڪلفٽن، عبدالله شاهه غازيءَ جو درگاهه، سوامي نارائڻ هندو مندر، گرو نانڪ گودوارا ۽ سينٽ پيٽرڪ ڪيٿاڊرل جو دورو ڪيو. دوري کان پوءِ مذهبي اڳواڻ منجهند جي مانيءَ تي گڏ ٿيا، جتي انهن ان نقطي تي ڳالهايو ته اڄوڪي هن شروعات سان مذهبي رواداريءَ جي فروغ کي ڪيئن جاري رکجي.

17 مئي 2017ع

رابطو: شرلينا حسين مورگن

فون: 0213527500

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ