6 اپريل 2021
رابطو: برٽني اسٽيورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
هوا جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ اصل وقتي مانيٽرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۽ سفارتڪار برادري پاران ورچوئل ڪانفرنس
ڪراچي – آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران 6 اپريل تي ”2021 ۽ مستقبل ۾ ڪراچي جي هوا جو معيار“ جي عنوان هيٺ هڪ ورچوئل ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. ان ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي نالي وارن پاليسي ٺاهيندڙن، ماحولياتي تبديلي جي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي ۽ هوا ۾ گدلاڻ کي ماپڻ ۽ ان جي چڪاس لاءِ گهٽ لاڳت سان هوا جو معيار جانچڻ وارن پروگرامن تي غور ويچار ڪيو ويو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ سڄي دنيا ۾ 60 کان وڌيڪ هوا جو معيار جانچڻ وارا مانيٽر نصب ڪيا آهن جن مان چار پاڪستان ۾ موجود آهن. انهن مانيٽرن مان ملندڙ هوا جي معيار جي اصل وقتي ڊيٽا سائنسدانن ۽ پاليسيون ٺاهڻ وارن کي مدد فراهم ڪن ٿا جيڪا شفاف نموني عوام جي مشاهدي لاءِ پڻ موجود رهي ٿي.
آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين ۽ وڏي وزير جي ماحول، ماحولياتي تبديلي ۽ سامونڊي پٽي جي ترقي واري صلاحڪار مرتضى وهاب ڪانفرنس کي خطاب ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين چيو ته، ”صحيح ڊيٽا اسان کي مسئلي کي سمجهڻ ۽ ان مطابق فيصلا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان ڪراچي جي هوا جو معيار بهتر بڻائي سگھياسين ته اسان کي ان جا چِٽا معاشي ۽ سماجي فائدا ملڻ شروع ٿيندا ڇاڪاڻ ته صاف هوا جي نتيجي ۾ بهتر صحت ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ان سان گڏوگڏ هوا جي گدلاڻ جي ڪري ساهه ۽ ٻين تڪليفن جي نتيجي ۾ دوائن ۽ علاج تي ٿيندڙ خرچ ۾ پڻ گهٽتائي ايندي آهي.“
پينل تي موجود ٻين مهمانن پاڪستان ۾ موجود آمريڪي مشن پاران لڳايل هوا جو معيار جانچڻ وارن مانيٽرن تي تفصيل ٻڌايا ۽ هوا جي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ لاءِ سفارشون پڻ ڏنيون. برطانيا، جرمني، اٽلي، فرانس ۽ جاپان جي سفارتڪارن پڻ هوا جي معيار وارا مانيٽر استعمال ڪرڻ بابت پنهنجا تجربا بيان ڪرڻ سميت ڪراچي جي هوا جو معيار بهتر بنائڻ جا طريقا پڻ ٻڌايا.
آمريڪي مشن جي هوا جي معيار بابت موجود ڊيٽا بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري https://pk.usembassy.gov/embassy-consulates/air-quality-data/ ڏسو.
###