ڪراچي: اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي مالي تعاون سان امريڪا جي ماسيچوسٽس يونيورسٽيءَ بلوچستان جي ٽن يونيورسٽين سان تعليم جي بھتري ۽ باھمي تعاون لاءِ ڪيل ٻه سالا يونيورسٽي پارٽنرشپ پروگرام ھيٺ ڪراچي ۾ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۾ تعليم جي ڪردار جي موضوع تي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنھن جي صدارت امريڪن قونصل جنرل گريس شيلٽن ڪئي. بلوچستان جون ٽي يونيورسٽيون ھن پارٽنرشپ جو حصو آھن ۽ ھن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رھيون آھن تن ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ مينيجمنٽ سائنسز، سردار بھادر خان وومين يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي اف بلوچستان شامل آھن. تقريب ۾ بلوچستان يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر جاويد اقبال، نوان ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوان ۽ يونيورسٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته 86 ملين روپين جي مالي تعاون سان شروع ڪيل ھن پروگرام تي امريڪي حڪومت کي فخر آھي ڇو ته ھن پروگرام ھيٺ اسان جي ٻنھي ملڪن جي تخليقي ۽ تحقيقي ذھن رکندڙ شاگردن ۽ استادن گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آھي جنھن جا نتيجا تمام گھڻا مثبت مليا آھن.
ماسيچوسٽس يونيورسٽيءَ جي سوڪ انگيجمنٽ پروگرام جي مينيجر رابيڪا ھولينڊ ان ۾ موقعي تي ڳالھائيندي چيو ته ھن تعليمي ڪانفرنس ۾ اسڪالر ۽ شاگرد گڏجي پينل بحثن ۾ حصو وٺندا ته جيئن نون ڪاروبارن لاءِ عملي سمجھ پيدا ڪري سگھجي ۽ انٽرپرينيئرشپ بابت ڪامياب تجربا ونڊي سگھجن. ھيءَ ڪانفرنس شعبي سال لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻھن کي ڊائلاگ لاءِ گڏ ڪيو آھي.
بلوچستان جي ٽن يونيورسٽين سان اھا پھرين پارٽنرشپ آھي جنھن ھيٺ بلوچستان ۽ امريڪا جي يونيورسٽيءَ وچ ۾ علمي لاڳاپو قائم ٿيو آھي. ھيءَ پارٽنرشپ پاڪستان جي 20 ٻين يونيورسٽين سان قائم ڪيل پارٽنرشپس واري پروگرام جو حصو آھي.
امريڪي حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي پروگرام بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو:
www.eca.state.gov