يو ايس ايڊ پاران ٽائيفائيڊ خلاف مهم ۾ سنڌ حڪومت سان شراڪتداري

ڪراچي: امريڪا جو عالمي ترقيءَ لاءِ جوڙيل ادارو USAID ٻارن کي ٽائيفائيڊ کان بچائڻ واري مهم جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت سان شراڪتداري ڪري رهيو آهي. ان مهم تحت 2 لک 50 هزار انجيڪشنز جي امداد ڏني پئي وڃي.

سنڌ جي صحت کاتي جڏهن تازو اهو محسوس ڪيو ته ٽائيفائيڊ جا مريض وڌي رهيا آهن، تڏهن ان امداد لاءِ USAID تائين رسائي ڪئي. اهي انجيڪشنز 2 لک 50 هزار کان مٿي ٻارن جي قوت مدافعت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ٻارن جو اهو انگ حيدرآباد سنڌ جي ٻن تعلقن لطيف آباد ۽ قاسم آباد سان تعلق رکي ٿو.

سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر اوگالي اوڊو چيو ته، ”ٽائيفائيڊ خلاف اسان جي مهم سنڌ حڪومت سان اسان جي هلندڙ شراڪتداريءَ جي سلسلي ۾ هڪ مثال ثابت ٿيندي. ادارتي بنيادن تي سار سنڀال لهڻ لاءِ USAID پاران سنڌ حڪومت سان سهڪار جاري رکيو ويندو.“

امريڪي حڪومت پاران USAID معرفت گذريل 5 سالن کان ٻارن جون زندگيون محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن جي بنيادي صحت تائين رسائي ممڪن رهي سگهي.

پنهنجي شروعات کان وٺي USAID انساني زندگيون بچائڻ، خاندانن ۽ ڪميونٽيز کي پاڻڀرو ڪرڻ ۽ صحتمند انساني پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان سرڪار سان حصيدار رهي آهي. فقط گذريل 5 سالن دوران 94 لک عورتن ۽ ٻارن کي ماءُ ۽ ٻار جي بچاءَ ۾ مدد ڪرڻ واريون سهولتون فراهم ڪيون آهن، 50 هزار کان مٿي عورتن ۽ ٻارن کي سائنسي بنياد تي صحت فراهم ڪرڻ لاءِ امداد ڏني وئي. ان سان گڏ بهبود آباديءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان حڪومتن جي مدد پڻ ڪئي وئي.

يو ايس ايڊ بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو www.usaid.gov/pakistan

رابطو: گري مڪلوين

فون: 0213527500

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ