4 جولاءِ 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
پاڪستاني ۽ آمريڪي موسيقارن موسيقي جي خوبصورت ميلاپ سان آمريڪا جي آزادي جو 246هون ڏهاڙو ملهايو
ڪراچي: آمريڪا جي آزادي جو 246 هون ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي سان گڏجي هڪ آنلائن ميوزڪ ڪانسرٽ منعقد ڪيو ويو. .
ان پروقار تقريب ۾ پاڪستاني ۽ آمريڪي گانن سميت ٻنهي ملڪن جي موسيقي جو خوبصورت امتزاج پڻ پيش ڪيو ويو جيڪا ان ڳالھ جي تائيد ٿي ڪري ته موسيقي ۾ ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جي سگھ آهي. آمريڪا سان تعلق رکندڙ گائيڪا ميري ميڪ برائيڊ پاڪستاني قومي ترانو ڳائڻ سميت آمريڪي پاپ ۽ راڪ گانا ڳائي پنهنجي آنلائن حاضرين کي ريجهايو. ڪراچي سان تعلق رکندڙ موسيڪي ڪٺ، سائونڊز آف ڪولاچي، آمريڪي قومي ترانو ڳايو. ان کان علاوه ڪراچي فوڪ آرڪيسٽرا، احسن باري جي رهنمائي ۾، سنڌ ۽ بلوچستان جي موسيقي پيش ڪئي جنهن ۾ مائي ڍائي، ارمان رحيم ۽ وهاب بگٽي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ڪانسرٽ ۾ پاڪستاني فنڪار محمد خان ۽ آمريڪي فنڪار بين رائٽ جي موسيقي جو امتزاج پڻ شامل هيو جنهن ۾ انهن بلوچي باجو ۽ آمريڪي بلُوگراس بينجو (باجو) کي ملائي ڌُن ٺاهي..
آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين ڏسندڙن کي ڀيلڪار ڪندي آمريڪا ۽ پاڪستان جي مضبوط لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ چيائون ته، “سڀني دوستن جي مهرباني جو توهان اسان جي آزادي واري ڏهاڙي سان منسوب فلسفي کي عزت بخشي جنھن سببان آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌندا ۽ ويجھندا پيااچن. آمريڪا تعليم، عوامي رابطن، عورتن جي پاڻڀرائپ، ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ ڪرونا وبا جي ڏوجھن کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪندو رهندو. آمريڪا ۽ پاڪستان ان وقت وڌيڪ مضبوط هوندا آهن جنهن مھل گڏجي ڪم ڪندا آهن.”
ان تقريب جي رڪارڊنگ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي فيس بڪ پيج تي ڏسي سگهجي ٿي.
###