2 آڪٽوبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
پاڪستان ۽ آمريڪا جي اقتصادي سھڪار کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۽ ڪرونا خلاف ٻنھي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن کي زور وٺرائڻ لاءِ آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر پاران ڪراچي جو دورو
ڪراچي (2 آڪٽوبر 2021) – آمريڪي ناظم الامور اينجيلا پي ايگلر پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ڪووڊ-19 وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ ويڪسينيشن جي اهميت بابت عوام ۾ جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ 29 سيپٽمبر کان 1 آڪٽوبر تائين ڪراچي جو دورو ڪيو، جنھن ۾ پاڪستان جي عوام کي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ فائزر خوراڪن جي تازي آمريڪي عطئي ۽ ايندڙ ھفتن ۾ تقريباَ ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ فائزر خوراڪن جو عطيو ڏيڻ جو عھد ڪرڻ شام آھي.
گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آمريڪي ناظم الامور کي سندس ٻيھر ڪراچي اچڻ تي ڀليڪار چيو. ناظم الامور ايگلر سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان سنڌ جي عوام لاءِ معاشي موقعا بهتر بنائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي وارن منصوبن بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات دوران ناظم الامور ايگلر ڪووڊ-19 خلاف اُپاؤ وٺڻ ۽ يو ايس ايڊ جي سھڪار سان ھلندڙ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام سميت سنڌ ۾ تعليم جي شعبي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي نمائندن سان آمريڪي ڀائيواري ۽ حمايت تي روشني وڌي. ناظم الامور علائقائي سلامتي کي بھتر بنائڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڪوششن تي پڻ ٻنھي عھديدارن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي.
انکانپوءِ ناظم الامور اينجيلا ايگلر اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر سان ٿيل پنهنجي ملاقات ۾ پاڪستان جي اقتصادي شعبي جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. پنهنجي دوري جي آخر ۾ آمريڪي توانائي ڪمپني، ايڪسلريٽ، جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پورٽ قاسم تي سمنڊ ۾ لنگرانداز ٿيل ڪمپني طرفان پاڻي ۾ ترندڙ اسٽوريج ريگيسيفڪيشن يونٽ، ايڪسڪُئيزٽ، ۽ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ڪمپني جي سهڪار تي پڻ گفتگو ٿي.
ناظم الامور ايگلر جي دوري جي خاص ڳالھ سندن پاران آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي ڪرونا وبا خلاف “فضائن کان فلاح تائين” مهم جو آغاز ڪرڻ هيو جنھن تحت پاڪستاني عوام کي ڪروناوائرس کان بچاءُ ۽ کين زندگيون بچائڻ جي ترغيبت ڏيئي سگهجي. ڪراچي جي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ ناظم الامور ايگلر سنڌ جي صحت ۽ بهبود آبادي واري وزير عذرا پيچوهو، مشهور اداڪارا ماهرا خان ۽ موسيقار ۽ سماج سڌارڪ شهزاد راءِ سان گڏجي مهم جي شروعات ڪئي.
آمريڪا جولاءِ کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان کي ڪرونا ويڪسين جا تقريباَ هڪ ڪروڙ 58 لک ٽُڪا عطيو ڪري چڪو آهي ۽ آڪٽوبر ۾ وڌيڪ 96 لک فائزر ٽُڪا عطيو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. فائزر جي انھن ٽُڪن سان ھنن گرمين ۾ آمريڪا پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا جي 92 ملڪن کي فراھم ڪرڻ لاءِ خريد ڪيل 50 ڪروڙ فائزر خوراڪن جو حصو آھن تہ جيئن صدر بائيڊن جي پوري دنيا ۾ محفوظ ۽ اثرائتي ويڪسين فراھم ڪرڻ ۽ وبا خلاف عالمي محاذ کي مضبوط ڪرڻ واري عزم جي آبياري ڪري سگھجي. سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي حاشيي تي منعقد ٿيل ورچوئل گلوبل ڪووڊ-19 سربراھي اجلاس ۾ صدر بائيڊن اعلان ڪيو ھيو تھ آمريڪا پوري دنيا ۾ گھٽ ۽ گھٽ وچولي آمدني وارن ملڪن کي 50 ڪروڙ فائزر ويڪسين فراھم ڪندو جنھن جي ترسيل جنوري 2022 ۾ شروع ٿي ويندي. ان سان آمريڪا پاران عطيو ڪيل ويڪسين جو ڪُل انگ 1.1 ارب کان وڌيڪ ٿي ويندو جيڪو ڪنهن به ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ امريڪا پاران سڀني کان وڌيڪ مفت ويڪسين جي فراهمي آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي حڪومت پاران ڪووڊ ويڪسين جي عطئي بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ھن لنڪ تي وڃو: https://www.state.gov/countries-areas/pakistan.
###