پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر جي قائداعظم جي مزار تي حاضري

28 آڪٽوبر 2020
رابطو: برٽني اسٽيورٽ
فون: 021-35275000

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر جي قائداعظم جي مزار تي حاضري

ڪراچي: آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر، قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ناظم الامور مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي پيغامن واري ڪتاب ۾ آمريڪي سفارتخاني اسلام آباد پاران پيغام لکيو. هنن پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ محمد علي جناح جي ڀيڻ  محترمه فاطمه جناح جي مزار تي پڻ حاضري ڀري.

پنهنجي پيغام ۾ اينجيلا ايگلر لکيو ته، ”جمھوريت، رواداري ۽ سھپ ۾ يقين رکندڙ ھن عظيم رھبر جي مزار تي حاضري ڀرڻ مون لاءِ هڪ اعزاز آهي. آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جي  بنياد وجھندڙ ھن ڏاھي رهنما  کي آمريڪي عوام پاران ڀيٽا پيش ڪريان ٿي. مان شڪرگذار آهيان جو قائداعظم جي مزار تي اچي مونکي سندن افڪارن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو , جيڪي اڄ به اسان سڀني لاء هڪ پراَمن ۽ سگھاري پاڪستان لاءِ رهنما اصولن طور اهميت رکن ٿا.“