14 سيپٽمبر 2018ع
پاڪستان ۾ مرچ منڊيءَ جي ترقيءَ لاءِ امريڪي عوام پاران ڪيل امداد
عمرڪوٽ: عالمي ترقيءَ لاءِ امريڪي اداري يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ صوبائي ڊائريڪٽر جان سمٿ سرين ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ميڪائيل هرشچئشن ”ايرڊ زون ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ جو دورو ڪيو ته جيئن يو ايس ايڊ پاران زرعي شعبي ۾ سيڙپ تحت امداد ڏئي پاڻيءَ جي انتظامڪاريءَ جو صلاحيتون وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي فراهم ڪري سگهجي، ۽ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ڪٽنبن کي زندگي گذارڻ جا اضافي موقعا فراهم ٿين.
ايگريڪلچر مارڪيٽ ڊيولپمينٽ (AMD) پروگرام تحت يو ايس ايڊ جو ادارو امريڪا-پاڪستان شراڪتداري ذريعي ٻين فصلن سان گڏ مرچن جي آبادگارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن اڻپورين شين جي نشاندهي ڪري مالي امداد توڙي فني سهڪار ذريعي ان ۾ سڌارا آڻي شعبي جون صلاحيتون وڌائي سگهجن.
هن دوري سان يو ايس ايڊ جي وفد کي مرچ اپائيندڙ آبادگارن ۽ سان ميل ملاقات جو موقعو مليو. گڏو گڏ زرعي ڪم ڪار جي فروغ توڙي ان جي واڌاري لاءِ سرزمين تي اداري پاران منعقد ڪيل فني تربيت جو به انهن مشاهدو ڪيو. ساڳي قسم جي فني تربيت سنڌ ۾ مرچ اپائيندڙ علائقن ۾ پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪنري ۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. وفد مرچن جي آبادگارن سان مڪمل ڏينهن گذاريو ويو، جنهن ۾ هن شعبي سان لاڳاپيل مسئلن بابت آبادگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ٽريننگ سيشن ۾ ڳالهائيندي محترم سمٿ سرين چيو ته، ”پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي ترقيءَ ۾ امريڪي حڪومت جيڪو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي. اسان پراعتماد آهيون ته مسلسل فني سهڪار ۽ پاڪستاني واپار جي نمائيندن سان رابطي جي ڪري اسان مرچن جي ايڪسپورٽ جي سلسلي ۾ انهن جي وڌيڪ منڊين تائين رسائي ۾ مددگار ٿينداسين.“ مرچن جي آبادگارن واري تنظيم جي چيئرمين محترم ميان محمد سليم هن شعبي ۾ سهڪار ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ مددگاري ڪردار ادا ڪرڻ تي يو ايس ايڊ وفد جا ٿورا مڃيا.
يو ايس ايڊ زرعي مال متاع وارن شعبن جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ ”امريڪا-پاڪستان پارٽنرشپ فار ايگريڪلچرل مارڪيٽ ڊيولپمينٽ“ پروگرم شروع ڪيو هو ته جيئن اهي شعبا پنهنجي پيداوار جا هدف مقرر ڪري عالمي ۽ مقامي منڊيءَ ۾ مقابلو ڪري سگهن. انهن پيداواري هدفن ۾ گوشت، مندائتيون ۽ غير مندائتيون سبزيون، انبن ۽ نارنگين جي پيداوار شامل آهي. هن قسم جي شراڪتداري هدف ڪيل پيداوار جي واڌاري ۽ سيڙپڪاري ۾ وڏي سهولت طور ڪم اچي رهي آهي، ۽ ان سان نه رڳو معيار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر برآمدي پيداوار جي مقدار ۾ به واڌ ٿئي ٿي. گڏو گڏ زرعي پيداوار کي عالمي منڊيءَ تائين رسائڻ لاءِ آبادگارن، ايڪسپورٽرس ۽ خريدارن درميان تعاون کي به فروغ ملي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ آمدني ۽ روزگار جي ذريعن ۾ واڌ اچي ٿي.