پاڪستان ۾ مقررامريڪي سفيرڊونلڊ بلوم پاران امن-2023 سامونڊي مشقن ۾ شرڪت: آمريڪا-پاڪستان گڏيل لاڳاپن لاء جاري سھڪار جي حمايت جو اظھار.

Ambassador visited the Quaid-e-Azam House Museum during his visit to Karachi.

ڪراچي (فيبروري 15_12) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪراچي ياترا تي پهچي ” امن-2023“ جي نالي سان عالمي سامونڊي مشقن جو جائززو ورتو. عالمي سامونڊي مشقن جي ميزباني جون ذميواريون پاڪستان نيوي طرفان نڀايون ويون. مشقن ۾ آمريڪي سفير جي شرڪت جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سهڪار توڙي گڏيل سوچ کي هٿي ڏيڻ آهي. ڊونلڊ بلوم ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير، ڪمانڊر پاڪستان فليٽ (COMPAK) ۽ نيول اسٽاف جي سربراهه (CNS) سان ملاقاتون پڻ ڪيون.

اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ”امن-2023 ۾ سامونڊي فوجن جي مشقن جو جائزو وٺڻ تي خوشي ٿي آهي، ڇاڪاڻ جو اُن سان پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ جاري ڪوششن کي هٿي ملندي. آمريڪا سامونڊي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪ نيوي سان سهڪار وڌائڻ جي ارادي تي اٽل آهي، ته جيئن عالمي پاڻين ۾ جهاز راني ۽ معاشي سرگرمين جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. گذريل آڪٽوبر ۾ پاڪستان نيوي، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي (PMSA) ۽ امريڪي نيوي (NAVCENT)  طرفان گڏيل سامونڊي پئٽرولنگ ڪئي وئي، جيڪا مستقبل ۾ اسان جي گڏيل ڪوششن جو اهڃاڻ آهي.“

سامونڊي مشق امن-2023 ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس (PIMEC) گڏوگڏ منعقد ڪيون ويون، جن بليو اڪانومي سان لاڳاپيل سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ميزبان جو ڪردار ادا ڪيو. امن-2023 جون سرگرميون ٻن مُکيه ڀاڱن تي ٻڌل ھيون: هڪ پاسي عالمي ميري ٽائيم ڪانفرنس دوران سامونڊي سيڪيورٽي ۽ واپار تي ڄاڻ سان ڀرپورمباحثن جون ويهڪون ٿيون، ته ٻئي پاسي امن-2023 جي نالي سان گهڻ رُخيون سامونڊي مشقون ڪرايون ويون.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هُن آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل ترجيحن جي ونڊ سوڌو ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ڀائيواري وڌائڻ جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊونلڊ بلوم عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جي گُدام جو به دورو ڪيو، جتي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ خوراڪ جون شيون رکيل آهن. غذائي کوٽ جي شڪار ڪيترن ئي ٻارن کي ھتان معياري خوراڪ مهيا ڪئي ويندي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪمزور ۽ پُٺتي پيل طبقن جي مدد لاءِ عالمي ڪوششن ۾ آمريڪا سڀ کان اڳڀرو آهي. آمريڪا طرفان هيل تائين 20 ڪروڙ ڊالرز پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آهن.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم قائد اعظم هائوس ميوزيم جو دورو ڪيو، جيڪو پاڪستان جي باني محمد علي جناح جو گهر پڻ هو. مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا ويچار درج ڪندي ڊونلڊ بلوم چيو ته ”ڪراچي ۾ قائد اعظم جي گهر جو دورو ڪرڻ فخر جوڳي ڳاله آهي، پاڪستان جي باني جي ورثي کي ياد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي. آمريڪا پاڪسستان جي باني محمد علي جناح جي متحد ۽ جمهوري پاڪستان بابت اعليٰ نظريئي جو احترام ڪري ٿو، جتي برابري، سماجي انصاف ۽ معاشي موقعا مهيا ٿين. پاڪستان جون پاڙون اُن تصور ۾ کُتل آهن ۽ اُهو اسان سڀني لاءِ گڏيل ورثي جي حيثيت رکي ٿو.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جنرل نڪول ٽيرو ايبٽ ليبارٽريز جي اختيارين سان ملاقات ڪري صحت جي سار سنڀال واري شعبي ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. آمريڪي مشن طرفان پاڪستان ۾ حياتيون بچائڻ وارين دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڪمپنين جي خدمتن جي ساراهه ڪئي وئي.

عالمي سامونڊي مشق امن-2023 آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط فوجي لاڳاپن توڙي سهڪار جو واضح مثال آهي. آمريڪا پاڪستان سان سيڪيورٽي، تعليم، شفاف توانائي، عوامي سطح تي رابطن ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن اپائن سان ٻنهي ملڪن جي بهتر ۽ محفوظ مستقبل سان گڏ استحڪام کي به هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي.