پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ڪانفرنس ۾ ڪامياب تعليمي سڌارن لاءِ مدد ڪرڻ تي امريڪي حڪومت جي ساراهه

ڪراچي: يو ايس ايڊ ۽ سنڌ سرڪار جي گڏيل سهڪار سان تعليم جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت پاڪستان جي تعليمي نمائندن جي هڪ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.  هن ڪانفرنس لکين ٻارن ۽ نوجوانن کي  سکيا توڙي اڳتي وڌڻ جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ امريڪا ۽ پاڪستان جو گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو.

يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت طرفان ايجوڪيشن مئنجيمينٽ آرگنائيزيشن (اي ايم او) پاليسي وسيلي تعليم جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي.  سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ يو ايس ايڊ جي ڊائريڪٽر اينڊريو ريبولڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي تعليمي شعبن، ادارن ۽ ڊونر ادارن جا نمائندا به موجود هئا.

اُن موقعي تي اينڊريو ريبولڊ چيو ته سنڌ ۾ يو ايس ايڊ جي پروگرام (ايس بي اي پي) ذريعي اي ايم او سڌارن  جو  منظم نظام بڻائڻ وارين ڪوششن ۾ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي امريڪا فخر محسوس ڪري ٿو. مونکي خوشي ٿي ته اي ايم او لاءِ صوبائي تعليمي شعبن جي نمائندن جي دلچسپي ۾ واڌارو ٿيو آهي.”

سنڌ جي تعليم جي وزير سردار شاهه بنيادي تعليم جي پروگرام ايس بي اي پي ۾ يو ايس ايڊ جي مالي مدد ۽ تعليم جي شعبي ۾ امريڪا جي ڊگهي مُدي لاءِ سهڪار جي ساراهه ڪئي. پاڪستان ۾ تعليم بابت يو ايس ايڊ جي ڊائريڪٽر اين فلڪر به خصوصي طور شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس جي ويهڪن ۽ مباحثن ۾ پاڪستان اندر اعليٰ معياري تعليم تائين منصفاڻي پهچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پي پي پيز جي ڪردار ۽ اثرن کي اجاڳر ڪيو ويو. سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن سرڪاري اسڪولز جا انتظام بهتر بڻائڻ لاءِ پي پي پيز سان معاهدن ذريعي جديد اي ايم او تي ڪاميابي سان عملدرآمد ڪيو.

يو ايس ايڊ جي پرورگرامن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ وزٽ ڪريو: www.usaid.gov/Pakistan

###