ڪراچي؛ 25 اپريل- ڪراچي ۾ قائم آمريڪي قونصلخاني 22 اپريل تي ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي (Earth day) جي مناسبت سان “سائونڊ دِي الارم” (خطري جي گھنٽي) جي عنوان سان نئون گانو ۽ ميوزڪ وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ماحولياتي تبديلين جي خطرناڪ اثرن ۽ اُنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. گذريل پنج ڏهاڪن کان سموري دنيا ۾ 22 اپريل تي ارٿ ڊي ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڌرتي کي درپيش ماحولياتي خطرن بابت جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي. “سائونڊ دِي الارم” گاني لاءِ آمريڪي پرڏيهي کاتي مالي سهڪار ڪيو، جڏهن ته مشهور آمريڪي گلوڪار ايرن انگلش ۽ پاڪستاني ڳائڻي علي گل پير سُر وکيريا آهن. هن گاني ۾ دنيا جي سمورن ادارن ۽ قومن کي ياد ڏياريو ويو آهي ته ماحولياتي تبديلي گهٽائڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڪردارادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ 2022ع واري ٻوڏ جهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي مدد لاءِ اڳتي اچڻو آهي. ماحولياتي تبديلي سبب جنم وٺندڙ بحرانن کي منهن ڏيڻ جا اپاءَ آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ بنيادي نقطي جي اهميت رکن ٿا، جڏهن ته آمريڪا پاران ڌرتي جي بقاء ۽ بچاءُ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. هن گاني جو اهم پيغام ٻڌڻ لاءِ ڄاڻايل لنڪ تي وڃو.( [Sound the Alarm – Earth Day anthem – YouTube
ماحولياتي تبديلي جي چئلينج ۽ مسئلي کي ڪوبه ملڪ اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي، تنهنڪري اتحادي ملڪن پاران جامع ۽ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي بهتر مستقبل توڙي معاشي ترقي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا پاران گڏيل ڪوششن جي هڪ ڊگهي تاريخ موجود آهي. آمريڪا – پاڪستان “سبز اتحاد” فريم ورڪ [Green Alliance Framework] زراعت، شفاف توانائي ۽ صاف پاڻي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو ڪم ڪندو آهي. آمريڪي سرڪار پاڪستان سان گڏ سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجائي ٿي، ڇاڪاڻ جو اهو سهڪار ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ واڌاري ۽ توانائي جي تبديلي جاري رکڻ سان گڏ مشترڪه معاشي ترقي کي همٿائڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿو.