ڪراچي (18 آڪٽوبر، 2022) آمريڪي قونصل خاني ۽ ثقافت کاتي جي وزير سنڌ ۾ پنهنجي ڪاروبار جا خواب ڏسندڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ قائم لنڪن ڪارنرزبابت نئين يادداشت نامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي ۾ آمريڪي سفير نڪول ٽيريو ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاه صوبي جي لائبريرين ۾ قائم لنڪن ڪارنرز لاءِ نئين سر يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون. اهي 4 لنڪن ڪارنرز ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو ۾ قائم ٿيل آهن. لياقت ميموريل لائبريري ڪراچي جو سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ٿئي ٿو، جتي اسٽارٽ اپ ليب جي نالي سان پنهنجي نوعيت جي منفرد ۽ پُرسڪون جاءِ مهيا ٿيل آهي. هن ليب جي مدد سان ڪاروبار جو شوق رکندڙ ماڻهو مفت ۾ جديد ٽيڪنالوجي ۽ اوزار ڪتب آڻي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ واري خواب کي ساڀيان ڪري سگهن ٿا.
لنڪن ڪارنرز آمريڪا ۽ پاڪستان جي پبلڪ لائبريريز، مادرعلمين ۽ ڪميونٽي سينٽرز وچ ۾ ڀائيواري جو اهم حصو آهن. پاڪستان جي نوجوانن کي اهڙيون جايون ۽ وسيلا ڪتب آڻي آمريڪا سان ڳنڍيل رهڻ ۾ مدد ملي ٿي . لنڪن ڪارنرز ھرڪنھن لاءِ کُليل آهن ۽ هتي آن لائين سوڌو ٻين پروگرامن مان مفت فائدو وٺي سگهجي ٿو. اهڙا قدم آمريڪا طرفان پاڪستان سان لاڳاپن کي سگهارو ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا.
يادداشتنامي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي آمريڪي قونصل جنرل ٽيريو چيو ته “اسان آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيون. لنڪن ڪارنرز پاڪستان ۾ اسان جي اهڙين خدمتن جو حصو آهن، جن جو مقصد عوامي سطح تي لاڳاپا بهترڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي ماڻهن ۾ ويجهڙائي وڌائڻ ۽ جديد تعليم جي وسيلن تائين سولائيءَ سان پهچڻ آهي. اُن سان گڏ لنڪن ڪارنرز ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ تعليم ۽ جمهوري قدرن جي ڏي وٺ ۽ سمجھڻ لاءِ به غيرمعمولي ڪردار ادا ڪري رھيا آهن.”
ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ۽ ثقافت کاتي جي ڀائيواري سان سنڌ جي لائبريريز ۾ قائم لنڪن ڪارنرز جي ڀرپور پٺڀرائي ڪئي پئي وڃي، جِن جي شروعات 2013ع کان ٿي. آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ 18 ۽ سڄي دنيا ۾ 600 لنڪن ڪارنرز جو ڄار وڇايو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو شهرن ۾ قائم لنڪن ڪارنرز اُنهي نيٽ ورڪ جو حصو آهن. پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر (پي اي سي سي) آمريڪي حڪومت کان ملندڙ 10 لک ڊالرز (ٻاويھ ڪروڙ روپين) جي گرانٽ ذريعي سنڌ ۽ خيبرپختونخواه ۾ لنڪن ڪارنرز کي لاجسٽڪ سپورٽ مهيا ڪري رھيو آهي.
لنڪن ڪارنرز جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ وزٽ ڪريو U.S. Embassy website، يا وري اسان جي فيس بُڪ پيج Lincoln Corners Pakistan Facebook page تي وڃو.