12 نومبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
ڪراچي جي دوري تي آيل آمريڪي ناظم الامور وليم اسٽوئر پاران آمريڪا ۽ پاڪستان جي فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ واري عزم جو ورجاءُ
ڪراچي، 12 نومبر 2021 – آمريڪا جي ناظم الامور وليم اسٽوئر 10 کان 11 نومبر دوران ڪراچي جو دورو ڪيو جتي هنن ڪراچي جي بندرگاهه تي آيل آمريڪي بحريه جي جهاز يو ايس ايس پرل هاربر جو دورو ڪرڻ سميت آمريڪي ۽ پاڪستاني بحريه وچ ۾ گڏيل مشقن جو مشاهدو پڻ ڪيو. سندن دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم مضبوط عسڪري سهڪار جي اهميت ويتر اجاڳر ٿي آهي. هتي اها ڳالھ پڻ ذڪر لائق آهي ته اها يو ايس ايس پرل هاربر جهاز جي ڪراچي ۾ واپسي ڪوٺبي ڇاڪاڻ ته اهو جهاز 2005 ۾ 8 آڪٽوبر تي آيل زلزلي کانپوءِ ڪراچي ۾ لنگرانداز ٿيو هيو ۽ پاڪستان ۾ هنگامي امداد ۾ اهم مدد فراهم ڪئي هُئي.
ناظم الامور اسٽوئر يو ايس ايس پرل هاربر تي هڪ استقباليه تقريب دوران خطاب ڪيو ۽ ڪمبائنڊ ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس (سي ايم ايف) ۾ پاڪ بحريه جي شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ڪمبائينڊ ٽاسڪ فورس 150 (سي ٽي ايف 150) ۽ ڪمبائينڊ ٽاسڪ فورس 151 (سي ٽي ايف 151) هيٺ اترئين عربي سمنڊ ۾ مواصلات جي سامونڊي رستن ۽ بحري جهاز راني جي آزادي جي حفاظت جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.
ناظم الامور ان موقعي تي چيو ته “آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ عسڪري لاڳاپا مضبوط ۽ پائيدار آهن. عملي جي مٽاسٽا ۽ گڏيل فوجي مشقن ذريعي اسان دنيا جي اهم ترين سامونڊي رستن جي حفاظت ڪرڻ، بحري قزاقن سان مقابلو ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. اسان گڏجي ڏکڻ ايشيا کي وڌيڪ پُرامن، مضبوط ۽ خوشحال خطو بڻائي سگهون ٿا.”
يو ايس ايس پرل هاربر (ايل ايس ڊي 52) هڪ لينڊنگ جهاز آهي جنهن ۾ آمريڪي مرينز ۽ گاڏين جي باربرداري جي صلاحيت هوندي آهي.
سي ٽي ايف 150 ۽ سي ٽي ايف 151 ڪمبائنڊ ميري ٽائيم فورسز (سي ايم ايف) جي انتظام هيٺ ٽاسڪ فورسز آهن جن جو مقصد سامونڊي هٿياربند ڌاڙن جو خاتمو، عالمي سامونڊي واپار جي حفاظت ۽ جهاز راني کي آزادي سان جاري رکڻ آهي. سي ٽي ايف 150 عربي نار کان ٻاهر ڪم ڪندو آهي جڏهن ته سي ٽي ايف 151 هارن آف آفريڪا مان ڪم ڪندو آهي. پاڪستان ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 151 جي ڪمان وڌيڪ دفعا سنڀالي آهي.
###