ڪراچي جي سامونڊي ڪناري جي صفائي ۽ ماحولياتي اثرن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ آمريڪي قونصل خاني پاران شروع ڪيل “ماحوليات لاءِ راندين جو ڪردار” مھم جي اختتام

ڪراچي جي سامونڊي ڪناري جي صفائي ۽ ماحولياتي اثرن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اميڪي قونصل خاني  پاران  شروع ڪيل “ماحوليات لاءِ راندين جو ڪردار” مھم   جي اختتامي تقريب جي موقع تي نوجوانن ۽ ناليوارن رانديگرن جي ڀرپوُر شرڪت.

ڪراچي، 21 مئي، 2022: آمريڪي ڊپٽي قونصل جنرل ( سي جي) ميٽ فيرينس پاڪستان جي مشھور رانديگرن ۽ شاگردن سان گڏ ڪراچي جي سمنڊ ڪناري سي ويو تي صفائي مھم ۾ حصو ورتو، جنھن ۾ آمريڪا جي مالي مدد سان ھلندڙ انگريزي ٻولي جي سکيا واري پروگرام جا اڳوڻا شاگرد به شامل ھئا. اِن موقع تي حاجرا خان، اسد شفيق، جويريه خان، فيصل اقبال، سڪندر بخت ۽ اعظم خان سميت پاڪستان جي مشھور رانديگرن پڻ حصو ورتو.

ان تقريب سان “ماحوليات لاءِ راندين جو ڪردار” جي موضوع سان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گھٽائڻ  جي حوالي سان چئن مھينن واري ماحوليات سان سلھاڙيل سفارتڪاري مهم به پڄاڻي تي پھتي.

اُن موقعي تي ڊپٽي قونصليٽ جنرل فيرينس ويچار ونڊيندي چيو ته “پاڪستان جي مشھور شخصيتن ۽ شاگردن سان گڏجي ماحولياتي تحفظ ۽ راندين جي سفارتڪاري ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي. گدلاڻ کان پاڪ ۽ صحتمند سمنڊ ماحولياتي بھتري جو بنيادي جز آھي… هاڻي اهو اڻٽر ٿي ويو آھي ته اسان پنھنجي ڀرپور صلاحيتن سان ھر اھو عمل ڪريون، جنھن ذريعي سمنڊ ۽ آبي حيات تي پوندڙ ماحولياتي اثرن کي گھٽائي سگھجي. ھر ماڻھو سامونڊي ڪناري تان گند ڪچرو ھٽائي سامونڊي جيوت جي تحفظ ۾ مدد مھيا ڪري سگھي ٿو.”

مشھور ڪرڪيٽر اسد شفيق ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته “اسان سڀني کي گڏجي ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ خطرن کي گھٽائڻ لاٰءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اُن لاءِ اسان سامونڊي ڪناري جي صفائي جهڙا ٻيا به کوڙ ڪم ڪري سگھون ٿا. آمريڪي قونصل خاني طرفان ھن مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آھي، ۽ آئون ماحولياتي تحفظ لاءِ راندين جي مھم ھلائڻ تي کين واڌايون ڏيان ٿو.

“ماحوليات لاءِ راندين جو ڪردار” جي موضوع سان 4 مھينن واري مھم ۾ ڪرڪيٽ، ساڪر، اسڪواش ۽ ھاڪي جي رانديگرن نمايان ڪردار ادا ڪيو، جن آمريڪي قونصل خاني سان گڏجي  ماحولياتي تبديلي جي اثرن بابت ڄاڻ ونڊڻ ۾  مدد ڪئي، جيڪي پاڪستان ۾ ھر ماڻھو ڪري سگھي ٿو ۽ جن سان پاڪستان ۾ وڌندڙ ماحولياتي خطرن کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ملي ٿي.

سمنڊ ڪناري جي صفائي ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن ۾ شاگرد ۽ آمريڪي مالي امداد سان ھلندڙ انگلش ايڪسيس مائيڪرو اسڪالرشپ ۽ انگلش ورڪس پروگرام پاس ڪندڙ شاگرد پڻ شامل هئا.

2 سالن جو انگلش ايڪسيس مائيڪرو اسڪالرشپ پروگرام مالي طور پْٺ تي پيل گھراڻن سان تعلق رکندڙ  ۱۳ کان ۱۶ سالن جي شاگردن کي ڪوچنگ ۽ ٻين سرگرمين ذريعي انگريزي ٻولي ۾ مھارت مهيا ڪري ٿو.

ان کانسواءِ ۱۷ کان ۲۵ سالن جي نوجوانن کي انگريزي ٻولي جي سکيا ۽ فني مھارتون وڌائڻ لاءِ ۶ مھينن جو ورچوئل پروگرام پڻ مھيا ڪيو ويندو آهي.  ھن وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور ۾ ھي پروگرام ھلي رھيو آھي، جتي پٺتي پيل علائقن سان واسطو رکندڙ شاگردن کي سکيا ۽ تعليم ڏني ويندي آھي. شاگرد انگريزي ۽ جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي جي مهارتن تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ مجموعي طور 240 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تربيت حاصل ڪندا آهن.

آمريڪا ۾ انگلش لينگويج پروگرام جي آفيس بابت وڌيڪ ڄاڻ وٺڻ لاءِ وزٽ ڪريو https://americanenglish.state.gov/ ۽ اسپورٽس فار ڪلائيميٽ جون وڊيوز ڏسڻ لاءِ https://youtube.com/playlist?list=PLf_vyTUOt7_fRCJwYAeB9NoFsLSgkhlAW تي ڪلڪ ڪريو.