ڪراچي (19 اپريل، 2023) – آمريڪي قونصلخاني ڪراچي ۾ لنڪن ڪارنر ڪراچي ۽ لنڪن ڪارنر پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر (PACC) جي سهڪار سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪرڪيٽ جي سکيا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل ڪيمپ جي پڄاڻي جو جشن ملهايو ويو. ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ ڪيمپ جي پڄاڻي آمريڪي قونصليٽ ۾ لنڪن ڪارنرز جي ٻن ٽيمن وچ ۾ فائينل مئچ سان ٿي. هن ڪيمپ ۾ تندرستي جي اهميت کي ڌيان ۾ رکندي گهٽين توڙي روڊن تي ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوانن کي پروفيشل راند جي قائدن ۽ ضابطن بابت سکيا ڏني وئي، جڏهن ته ڇوڪرين کي مرد رانديگرن سان گڏ مئچ کيڏندي رمضان ڪرڪيٽ جي روايت جي تجربي حاصل ڪرڻ جو منفرد موقعو ڏنو ويو.
وقتي قونصل جنرل ليئم اوفلينيگن ۽ وقتي نائب قونصل جنرل ايلزبيٿ سنڊي ڪرڪيٽ جي مشهور مبصر ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر سڪندر بخت ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر ايمن انورسان گڏ ڪرڪيٽ مئچ ڏٺي. اُن موقعي تي ويچارونڊيندي ليئم اوفلينيگن چيو ته “رمضان ڪرڪيٽ مئچن جي روايت بنهه دلچسپ ۽ منفرد آهي، اڄ مونکي به اهڙين مئچن مان لطف اندوز ٿيڻ جو موقعومليوآهي. اسان جي خواهش هئي ته ڪرڪيٽ جا هي مقابلا سحري تائين جاري رهن پر ائين نه ٿي سگهيو، ممڪن آهي ته ايندڙ سال اسان ائين ڪري سگھون.”
لنڪن ڪارنرزآمريڪي سفارتخاني ۽ پاڪستان جي ڪجهه ادارن وچ ۾ ڀائيواري تحت ھلي رھيا آھن. مختلف مادرعلمين، ڪتاب گهرن ۽ ڪلچرل سينٽرز ۾ قائم لنڪن ڪارنرزبنيادي طورملٽي ميڊيا رسورس جي حيثيت رکن ٿا، جتي ايندڙ ماڻهو نه رڳو انگريزي ٻولي جي سکيا وٺندا آهن، پراُتي دستياب مختلف وسيلا ڪتب آڻي آمريڪا بابت گهربل ڄاڻ پڻ حاصل ڪندا آهن. آمريڪي قونصلخاني پاران هي ٻيون ڀيروڪرڪيٽ ڪيمپ منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ لياقت ميموريل لائبريري ۾ واقع لنڪن ڪارنرڪراچي ۽ لنڪن ڪارنر پي اي سي سي پاران سهڪارڪيو ويو.
افطارڊنرکان پھرين، ڪرڪيٽ جي مشهور مبصر سڪندربخت ۽ سپر اسٽارڪرڪيٽرايمن انوربنھي ڪرڪيٽ ٽيمن جي رانديگرن کي ايس گيم (Ace game) کيڏڻ جي حوالي سان لاڀائتا گُر سيکاريا. اُن کانپوءِ ٻنهي مهمانن وقتي نائب قونصلرجنرل ايلزبيٿ سنڊي، پبلڪ افيئرزشعبي جي عملدارلي مڪ مينس ۽ آمريڪي قونصليٽ جي ٻين عملدارن سان گڏجي افطار ڊنر پڻ ڪيو.